صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان روش جي علائقائي سربراهه جي ملاقات

اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان روش جي علائقائي سربراهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۾ مريضن کي جديد دوائن ۽ علاج تائين پهچ بهتر بڻائڻ لاءِ تعاون جي مختلف امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صحت واري وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڪينسر سميت مختلف مُشڪل بيمارين جي علاج لاءِ جديد دوائن تائين مريضن جي …

اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان روش جي علائقائي سربراهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۾ مريضن کي جديد دوائن ۽ علاج تائين پهچ بهتر بڻائڻ لاءِ تعاون جي مختلف امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صحت واري وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڪينسر سميت مختلف مُشڪل بيمارين جي علاج لاءِ جديد دوائن تائين مريضن جي پهچ، سرڪاري ۽ نجي شعبي جي گڏيل تعاون ۽ ڊگهي مدي جي ڀائيواري جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. صحت واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي آنڪولوجي منصوبو سرڪاري ۽ نجي شعبي جي موثر تعاون جو هڪ اهم مثال آهي، ان حصيداري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ ڪينسر کانسواءِ اسپائنل مسڪولر ايٽروفي، هيموفيليا، ملٽي پل اسڪلروسس ۽ ٻين موذي مرض جي علاج ۾ تعاون جي امڪانن تي به غور ڪيو ويو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ڪينسر رجسٽري جي قيام لاءِ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) صحت واري وزارت ۽ روش وچ ۾ تعاون کي عملي شڪل ڏني وڃي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت نجي شعبي ۽ عالمي ادارن سان ڊگهي مدي واري حصيداري ذريعي جديد علاج ۽ دوائن تائين عوام جي رسائي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته حڪومت پٺتي تي پيل ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ کين معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم يقيني بڻائي رهي آهي. ملاقات ۾ صحت جي شعبي ۾ جديد علاج، دوائن تائين پهچ ۽ مختلف بيمارين جي علاج لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں