اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سينيئر صحافي سجاد مير جي عيادت

لاهور - 05 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي سجاد مير جي عيادت جي لاءِ سندس گهر ويو. وفاقي وزير سجاد مير جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سجاد مير ملڪ جو سينيئر صحافي آهي، سندس صحافت جي شعبي ۾ خدمتون قدر جوڳيون آهن، …

لاهور – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي سجاد مير جي عيادت جي لاءِ سندس گهر ويو. وفاقي وزير سجاد مير جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سجاد مير ملڪ جو سينيئر صحافي آهي، سندس صحافت جي شعبي ۾ خدمتون قدر جوڳيون آهن، سجاد مير ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين صحافت جي شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن ۽ قلم جي ذريعي اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. عطاءُ الله تارڙ دعا ڪئي ته الله تعالى سجاد مير کي صحت ۽ تندرستي عطا فرمائي ۽ کيس جلد مڪمل صحتيابي نصيب ٿئي. ان موقعي تي سينيئر صحافي مجيب الرحمان شامي، سلمان غني ۽ فرخ شهباز پن اطلاعات واري وفاقي وزير سان گڏ موجود هئا.

مزید خبریں