رياست ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مسئلو سياست جو نه آهي پر امن امان جو آهي: اختيار ولي خان/ بئريسٽر دانيال چوڌري

اسلام آباد - 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ خيبرپختونخواهه معاملن بابت ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته رياست ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مسئلو سياست جو نه آهي پر امن امان جو آهي، خيبرپختونخواهه حڪومت سياست ڪري، جلسا ڪري ۽ ريليون ڪڍي، ڪا پابندي نه آهي پر حڪومت يا رياست کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نه …

اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ خيبرپختونخواهه معاملن بابت ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته رياست ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مسئلو سياست جو نه آهي پر امن امان جو آهي، خيبرپختونخواهه حڪومت سياست ڪري، جلسا ڪري ۽ ريليون ڪڍي، ڪا پابندي نه آهي پر حڪومت يا رياست کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي پاليسي تي عملدرآمد ضروري آهي، خيبرپختونخواهه ۾امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڳالهه ٻولهه جا سمورا دروازا کليل رکيا ويا ۽ حڪومت ڳالهه ٻولهه کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ پوري سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته صوبي ۾ وڌندڙ دهشتگردي جي خاتمي ۽ عوام جي تحفظ جي لاءِ صوبائي حڪومت کي پنهنجون ذميواريون موثر انداز ۾ ادا ڪرڻيون پونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هنن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر چيو ته گذريل ٻن سالن دوران خيبرپختونخواهه ۾ اٽڪل 6 هزار 200 دهشتگردي جا واقعا ٿيا جڏهن ته انهن واقعن ۾ اٽڪل 1200 شهادتون ٿيون. افغان شهرين پاران 37 خودڪش حملا ڪيا ويا جڏهن ته هلندڙ سال 14 خودڪش حملا ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثريت افغان شهرين جي هئي. اختيار ولي خان چيو ته خيبرپختونخواهه سي ٽي ڊي ۾ رڳو 25 اهلڪار مستقل آهن. هن پي ٽي آءِ کي پشتون ڪارڊ کيڏڻ کان پاسو ڪرڻ جو مشودو ڏيندي چيو ته مدينه جي رياست کان وٺي نوڪرين جي لالچ تائين انهن جا واعدا ڪوڙا ثابت ٿيا. هن چيو ته اهي ماڻهو خيبرپختونخواهه کي رڳو پئسو ٺاهڻ جي مشين جي طور تي استعمال ڪري رهيا آهن جڏهن ته فوج، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارا پشتون قوم کي بچائڻ جي لاءِ ڏينهن رات قربانيون ڏئي رهيا آهن. اختيار ولي خان چيو ته قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي ته خيبرپختونخواهه حڪومت ڪنهن کان ڊڪٽيشن وٺي رهي آهي. هن سوال ڪيو ته توهان 13 سالن ۾ خيبرپختونخواهه کي ڏنو ئي ڇا آهي؟ اختيار ولي خان چيو ته صوبي ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) کي گهربل وسيلا فراهم نه پيا ڪيا وڃن، آءِ جي پوليس پاران سي ٽي ڊي جي لاءِ 42 ارب رپيا طلب ڪيا ويا هئا جڏهن ته 14 ارب رپيا منظور ٿيا ۽ ان مان به هيستائين اٽڪل 1.4 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پشتونن تي حملا ۽ وفاقي حڪومت پاران پشتون قوم کي نشانو بڻائن جو تاثر صحيح نه آهي، دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين تي وڙهندڙ پوليس ۽ ٻيا رياستي ادارا پشتون عوام جي تحفظ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي پاليسي تي عملدرآمد ضروري آهي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگردي جي خلاف موثر ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. اختيار ولي خان الزام هنيو ته ڪجهه عنصر پشتون ڪارڊ استعمال ڪري معاشري ۾ انتشار ۽ قومن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سياسي پارٽين کي سياسي سرگرمين، جلسن ۽ ريلين جو حق حاصل آهي جڏهن ته انهن کي رياستي ادارن کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. هن خيبرپختونخواهه حڪومت تي صوبي ۾ ترقياتي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي تي پڻ تنقيد ڪئي ۽ چيو ته صوبي جي عوام کي صاف پاڻي، صحت ۽ تعليم جهڙي بنيادي سهولتن جي ضرورت آهي. وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام ۽ خاص طور تي نوجوانن کي سياسي مفادن جي لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن لاڳاپيل سياسي عنصرن تي زور ڀريو ته اهي “باهه سان کيڏڻ” کان پاسو ڪن ۽ دهشتگردي جي خلاف قومي ڪوششن ۾ تعاون ڪن. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ موجود هئا جڏهن ته انهن جي پارٽي جو مسئلو اهو رهيو آهي ته اهو واضح نه ٿي سگهيو ته ڳالهه ٻولهه ڪنهن سان، ڪيتري ۽ ڪڏهن حتمي ڪري سگهجي ٿي، ڪڏهن ڀينرون قيادت وٺي ڇڏين ٿيون، ڪڏهن خيبرپختونخواهه حڪومت ۽ ڪڏهن اپوزيشن پارٽي قيادت ڪري ٿي. هن چيو ته حڪومت پوري سنجيدگي سان انهن کي ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ڪيو، ڳالهه ٻولهه جا سمورا دروازا کليل رکيا، سمورا ڊرافٽس حتمي ٿي ويا پر ڪٿان هڪ آواز اٿيو ۽ سمورن معاملن کي ختم ڪيو ويو. هن چيو ته هڪ پارٽي جنهن جي سياست جو محور تفريق، نفرت ۽ باهه لڳائڻ جو بيانيو هجي، ان وٽ ڪارڪردگي جي حوالي سان ڪجهه نه آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ٻن ڪمن جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو، هڪ بي آر ٽي جيڪا 6 ارب رپين ۾ ٺهڻي هئي ۽ 100 ارب رپين کان وڌي وئي جڏهن ته ٻيو وڻ لڳائڻ جو منصوبو هو، مالم جبه اسڪينڊل ۽ بلين ٽري سونامي ٿري جو معاملو به سڀني جي سامهون آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته حڪومت جي ترجيحن ۾ ڌرڻي کي ملتوي ڪرڻ اولين ترجيح نه هئي، اسان جي سڀ کان اهم ترجيح اڄ به امن امان آهي. خيبرپختونخواهه جي عوام جي زندگي عذاب بڻجي چڪي اهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس فرنٽ لائين تي دهشڊتگردي جي خلاف جنگ ۾ مصروف آهي، پر صوبائي حڪومت جي ترجيحن ۾ پنهنجي شهيدن جا جنازا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ فوج جي حق ۾ بيان نظر نه ٿا اچن. هن چيو ته گذريل 15 سالن کان خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت موجود آهي پر اڄ تائين دهشتگردي جي خلاف موثر ڪائونٽر ٽيررازم پاليسي نه ڏئي سگهي، اها ڪنهن جي نااهلي، ڪمزوري ۽ عدم صلاحيت آهي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جي دور ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان اجلاس ٿيندا هئا، پاليسيون ۽ حڪمت عمليون ٺهنديون هيون پر نيشنل ايڪشن پلان جي ڪميٽي يا ان جي ڪم کي مڪمل ڇو نه ڪيو ويو، ان جو جواب ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ افغانستان پاران 11 ڊرون حملا ٿيا جڏهن ته خيبرپختونخواهه حڪومت پاران فتنه الخوارج، سرحد پار دراندازي ۽ انهن عنصرن جي خلاف واضح موقف سامهون نه آيو جيڪي اسان جي ٻارن کي شهيد ڪن ٿا. هن چيو ته حڪومت جي پاليسي غيرقانوني معيشت جي خلاف آهي جنهن ۾ ڀتاخوري، اسمگلنگ، دهشتگردي جي مدد ۽ نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون شامل آهن. انهن جي پارٽي جون حالتون به نان ڪسٽم پيڊ گاڏي جهڙيون ٿي ويون آهن. پارلياماني سيڪريٽري چيو ته جيڪو اڳواڻ پنهنجي ٻارن کي ٻاهرئين ملڪ رکي ميڪڊونلڊ ۽ ڪي ايف سي ۾ کاڌو کارائي ٿو، اهو ٻين ماڻهن جي ٻارن کي ڪفن ٻڌي اچڻ ۽ وفاق ۽ پاڪستان تي حملو ڪرڻ جو نه ٿو چئي سگهي. هن چيو ته اڳواڻن جو ڪم ماڻهن کي گڏ ڪرڻ، اختلافن ۽ مسئلن کي هڪ طرف رکڻ، پنهنجي ماڻهن کي پنهنجي ٻارن وانگر سمجهڻ ۽ مفاهمت جي ذريعي مسئلا حل ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان جا سيڪيورٽي اهلڪار ۽ فوجي جوان 22، 23 ۽ 24 سالن جي عمر ۾ پاڪستان جي جهنڊي ۽ ملڪ جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن ته جيئن ملڪ جي عوام محفوظ رهي. اهڙي ۾ دهشتگردن جي مذمت نه ڪرڻ ۽ انهن جي خلاف واضح موقف اختيار نه ڪرڻ ڳڻتي جوڳو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس فرنٽ لائين تي دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، پوليس اٽڪل 42 ارب رپيا گهريا هئا ڇو ته اهي فرنٽ لائين فائٽرز آهن، پر انهن کي رڳو ڏيڍ ارب رپيا ڏنا ويا جڏهن ته صوبي ۾ بيوٽيفڪيشن ۽ ٻين منصوبن تي 200 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا. هن چيو ته پوليس مئنيجمينٽ ايپ 2026ع به صوبائي حڪومت پاران هڪ تحفو آهي جنهن جي ذريعي پوليس آفيسرن کي هٽائڻ ۽ تبديل ڪرڻ جا اختيار استعمال ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته گذريل 15 سالن ۾ صوبي مان ماڻهو پنهنجي جمع پونجي ڇڏي رڳو صوبائي حڪومت جي نااهلي ۽ ناقص گورننس جي ڪري لڏپلاڻ ڪري ويا آهن. فتنه الخوارج ۽ اهڙن عنصرن جي حوالي سان صوبائي حڪومت کي واضح لڪير ڪڍڻي پوندي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته حڪومت ڳالهه ٻولهه کي ڪامياب بڻائڻ جي پوري ڪوشش رڳو ان جي لاءِ ڪئي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي موجوده لهر کي روڪي سگهجي، اسان جي اولين ترجيح خيبرپختونخواهه کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ جاري دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ آهي. هن چيو ته صوبايئ حڪومت کي ٻڌائڻو پوندو ته صوبي کي ڪير هلائي رهيو آهي، صوبي جي عوام جي حفاظت ۽ سيڪيورٽي جي لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا پارٽي عوام جي حفاظت ۽ سيڪيورٽي جي لاءِ سنجيده نه آهي ۽ سمورن معاملن کي سياسي شهادت ۽ سياسي انتقام جي طور تي پيش ڪري ته ڇا پوري صوبي کي ساڙڻ جي لاءِ ڇڏي ڏجي، ڇا صوبي جي ٻارن کي شهيد ٿيڻ جي لاءِ ڇڏيو وڃي.

مزید خبریں