بدين ۾ تعليم کاتي ۽ اين سي ايڇ ڊي  جي گڏيل سهڪار سان استادن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان بدين جي مختلف اسڪولن ۾ تقريبون ۽ آگاهي پروگرام منعقد

بدين- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) بدين ۾ تعليم کاتي ۽ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي ) جي گڏيل سهڪار سان استادن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان بدين جي مختلف اسڪولن ۾ تقريبون ۽ آگاهي پروگرام منعقد ڪيا ويا. استادن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول پير عالي شاهه ڪوٽ، گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول پير عالي شاهه ڪوٽ ۽ گورنمينٽ گرلز …

بدين- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) بدين ۾ تعليم کاتي ۽ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي ) جي گڏيل سهڪار سان استادن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان بدين جي مختلف اسڪولن ۾ تقريبون ۽ آگاهي پروگرام منعقد ڪيا ويا. استادن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول پير عالي شاهه ڪوٽ، گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول پير عالي شاهه ڪوٽ ۽ گورنمينٽ گرلز مين مڊل اسڪول شھباز روڊ ۾ پروگرام منعقد ڪيا ويا، جن ۾ اسڪولن جي هيڊ ٽيچرز، استادن، شاگردن، اين سي ايڇ ڊي جي آفيسرن ۽ رضاڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي هيڊ ٽيچرز عابده جمالي، اين سي ايڇ ڊي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪلثوم چانڊيو، سعيده پروين ملاح، اشفاق احمد ميمڻ، ياسمين مشرف، اظهر ڀٽي ۽ حسن سومرو سميت اسڪولن جي، صاحبان خاتون ۽ شاهدان پروين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته استاد قوم جي مستقبل جا معمار آهن، جيڪي شاگردن کي تعليم سان گڏ اخلاق، شعور ۽ ذميواري جو درس ڏين ٿا. استادن جي عزت ۽ سندن خدمتن جو اعتراف معاشري جي گڏيل ذميواري آهي. پروگرام دوران شاگردن پاران استادن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو، جڏهن ته مختلف اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب جي آخر ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ بهترين استادن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا ۽ سندن خدمتن کي ساراهيو ويو.