اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته نيشنل هائوسنگ پاليسي بي گهرماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ لاءِ جامع منصوبابندي فراهم ڪري ٿي، پاليسي تي موثر عملدرآمد لاءِ دستياب وسيلا ڪتب آڻڻا پوندا، جڏهن ته موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ ماحول دوست گهرن ۽ اهڙن پائيدار ڳوٺن جو قيام به ضروري آهي جتي صاف پاڻي، صحتمند …
وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاران نيشنل هائوسنگ پاليسي 2026ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب
اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته نيشنل هائوسنگ پاليسي بي گهرماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ لاءِ جامع منصوبابندي فراهم ڪري ٿي، پاليسي تي موثر عملدرآمد لاءِ دستياب وسيلا ڪتب آڻڻا پوندا، جڏهن ته موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ ماحول دوست گهرن ۽ اهڙن پائيدار ڳوٺن جو قيام به ضروري آهي جتي صاف پاڻي، صحتمند ماحول، عبادتگاهن سميت بنيادي زندگي جون ضرورتون ۽ سهولتون موجود هجن. تقريبن 5 لک ماڻهو هائوسنگ ايپليڪيشن جي پورٽل ۾ اچي چڪا آهن، سومر ڏينهن نيشنل هائوسنگ پاليسي 2026ع باضابطه جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته پهرين هائوسنگ پاليسي آڻڻ ۾ 50 سال لڳا، وزيراعظم ان پاليسي تي ٽي واعدا ڪيا آهن، پهريون واعدو اهو آهي ته شهري جيتري رقم ڪرائي جي مد ۾ ادا ڪن ٿا اوتري ئي رقم ۾ پنهنجو گهر حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته اپنا گهر جي نالي سان اسڪيم تحت وزيراعظم چيو آهي ته شهري 10 سيڪڙو ڏيندا جڏهن ته 90 سيڪڙو رقم بئنڪ فراهم ڪندي. 25 لک روپين جي قرض تي 16 کان ساڍا 16 هزار روپيا ماهوار قسط جڏهن ته 50 لک جي قرض تي 30 کان 31 هزار روپيا ماهوار قسط هوندي. هن چيو ته جيڪڏهن شهري 16، 18 هزار يا 30، 31 هزار روپيا ڪرائي جي مد ۾ ادا ڪري رهيا آهن ته اها رقم پنهنجو گهر حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي. قرض جي مدت 20 سال آهي جڏهن ته پهرين 10 لاءِ شرح 5 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي،وفاقي وزير چيو ته ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي هائوسنگ لاءِ گهربل شروعاتي 10 سيڪڙو رقم به ادا نٿا ڪري سگهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن جي آمدني 45 هزار، 60، يا 75 هزار روپين تائين به ناهي ۽ انهن جا ڳوٺ ڊاٺا وڃن پيا، هن چيو ته وزيراعظم جو ٻيو واعدو غريب ڳوٺن جو تحفظ آهي، قانون جو بلڊوزر هاڻي صرف غريب جي گهٽي تائين نه ويندو پر غريب ڳوٺن جو تحفط ڪيو ويندو. جڏهن ڪنهن ڳوٺ کي موجوده جاءِ تي برقرا رکڻ ممڪن نه هجي ته 10 ڪلوميٽر اندر متبادل جاءِ تلاش ڪئي ويندي ته جيئن ڪميونٽي کي ان ماحول کان پري نه ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو ٽيونو واعدو ريزيلينٽ گهرن جي تعمير بابت آهي، هاڻوڪي ٻوڏ ۾ 20 لک گهر تباهه ٿيا جڏهن ته پوري پاڪستان ۾ ساليانو اٽڪل 3 لک گهر تعمير ٿين ٿا اهڙي طرح هڪ ٻوڏ ۾ 7 سالن دوران تعمير ٿيل گهر تباهه ٿي ويا جيڪڏهن هر ٻوڏ ۾ ڪيترن ئي سالن دوران تعمير ٿيل گهر تباهه ٿيندا رهن ته ان ۾ محنت جو ڪو به فائدو نه هوندو، ان لا گهر جي تعمير لاءِ نئون طريقو اختيار ڪرڻو پوندو، هن چيو ته سنڌ ۾ ريزيلينٽ گهرن جي تعمير جو ماڊل اختيار ڪيو ويو آهي جتي 20 لک گهرن جي تعمير جي منصوبي ۾ اٽڪل 7 لک گهر تعمير ڪري انهن جون چاٻيون عورتن حوالي ڪيون ويون آهن. وفاقي وزير چيو ته پاليسي ۾ هڪ ريگوليٽري اٿارٽي جي تجويز به ڏني وئي آهي ته جيئن ڳوٺن جي حوالي سان هڪ جهڙو قانون لاڳو هجي، هن چيو ته جيڪو قانون گلبرگ، ڪلفٽن ۽ ايف سيون ۾ لاڳو آهن اهي ئي قانون پراڻن ڳوٺڻ تي لاڳو ٿيڻ گهرجن. سڄي ملڪ لاءِ هڪ ئي قانون هوندو ٻه قانون نه هوندا. طاقت قانون لاڳو ٿيڻ جو معيار نه هوندي ۽ هڪ ريگوليٽري باڊي، هڪ قانون، هڪ ملڪ ۽ هڪ عوام لاءِ هڪجهڙو انصاف ۽ حق کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته اٽڪل 5 لک ماڻهو هائوسنگ اپليڪيشن جي پورٽل ۾ اچي چڪا آهن، هڪ لک 75 هزار درخواستون مڪمل ٿي چڪيون آهن جڏهن ته اٽڪل70 هزار ماڻهن جون درخواستون پراسيس ٿي بئنڪن کان منظور ٿي چڪيون آهن، هن بئڪن کي اپيل ڪئي ته منظور ٿيل درخواستن کي گهرن جي چاٻين ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ سمورين درخواستن تي فوري ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.











