اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته نيشنل هائوسنگ پاليسي 2025ع وزيراعظم جي ويزن جي عڪاسي آهي، پاليسي تي موثر عملدرآمد لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هو سومر ڏينهن نيشنل هائوسنگ پاليسي 2025ع جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو جيڪا نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) اسلام …
هائوسنگ جي موجوده مسئلن جو حل گڏيل ايڪشن پلان سان ئي ممڪن آهي: ميان رياض حسين پيرزاده
اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته نيشنل هائوسنگ پاليسي 2025ع وزيراعظم جي ويزن جي عڪاسي آهي، پاليسي تي موثر عملدرآمد لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هو سومر ڏينهن نيشنل هائوسنگ پاليسي 2025ع جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو جيڪا نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) اسلام آباد ۾ آبادڪاري جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل قومن جي انساني آبادڪاري بابت اداري (يو اين هيبي ٽينٽ) جي تعاون سان منعقد ٿي. وفاقي وزير نيشنل هائوسنگ پاليسي 2025ع جي تياري ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سمورن ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته 24 سالن کانپوءِ سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان پاليسي جوڙي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته رهائش جي شعبي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ نيشنل هائوسنگ پاليسي جاري ڪرڻ اهم اڳڀرائي آهي، ان تي موثر عملدرآمد لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.











