ڪراچي- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته استاد ڪنهن به معاشري جي مستقبل جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا، تعليمي نظام ۾ موجود سمورا استاد اسان لاءِ فخر جو سبب آهن. استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هر ڪامياب تعليمي سفر جي مرڪز ۾ هڪ استاد ضرور موجود هوندو آهي، …
استاد ڪنهن به معاشري جي مستقبل جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا: سيد سردار علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته استاد ڪنهن به معاشري جي مستقبل جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا، تعليمي نظام ۾ موجود سمورا استاد اسان لاءِ فخر جو سبب آهن. استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هر ڪامياب تعليمي سفر جي مرڪز ۾ هڪ استاد ضرور موجود هوندو آهي، جڏهن ته معياري تعليم جو سڌو سنئون تعلق معياري تدريس ۽ باصلاحيت ۽ تربيت يافته استادن سان آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ تدريس جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ استادن جي پيشوراڻي تربيت تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ استادن جي تربيت کي مسلسل عملي طور اڳتي وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ استادن جي پيشوراڻي صلاحيتن ۾ واڌ لاءِ تربيتي پروگرام ۽ جديد تدريسي طريقن کي هٿي ڏني پئي وڃي، جڏهن ته ٽيچنگ لائسنس جو نظام تدريس جي شعبي کي باقاعده پيشوراڻي سڃاڻپ ڏيڻ طرف اهم قدم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال سان استادن جي تربيت جو مڪينزم تيار ڪيو ويو آهي. اسان جو مقصد صرف استادن جو انگ وڌائڻ نه، پر ڪلاس روم ۾ تدريس جو معيار بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته سٺو استاد رڳو نصاب مڪمل نٿو ڪرائي، پر شاگردن ۾ سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ سکڻ جي صلاحيت پڻ پيدا ڪري ٿو. اسڪولن ۾ شاگردن جي بهتر ڪارڪردگي لاءِ استادن جي حاضري، تياري ۽ اثرائتي تدريس بنيادي اهميت رکن ٿا. هن چيو ته اسان اهڙو تعليمي نظام چاهيون ٿا، جتي هر ٻار کي قابل، تربيت يافته ۽ ذميوار استاد جي رهنمائي حاصل هجي. هن سنڌ جي استادن جي محنت ۽ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته صوبي جي ٻارن جو بهتر مستقبل اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.











