اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1772.27 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 166383.22 پوائنٽس ٿي ويو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن مان 95 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 378 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 1772 پوائنٽس جي گهٽتائي
اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1772.27 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 166383.22 پوائنٽس ٿي ويو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن مان 95 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 378 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 96 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتن استحڪام ۾ رهيون. شروعاتي سيشن ۾ مجموعي طور تي 173.53 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 6.53 ارب رپيا رهي. سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار پاڪستان انٽرنيشنل بلڪ ٽرمينل جي 17.52 ملين شيئرز، سينر جيڪو پي ڪي لميٽيڊ جي 13.88 ملين شيئرز ۽ ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 13.81 ملين شيئرز ۾ ٿيو. فسٽ پيرامانٽ مضاربه، ڊاڊيڪس، ايٿرنيٽ لميٽيڊ ۽ ايسٽ ويسٽ انشورنس ڪمپني ليمٽيڊ سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.












