اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان م هن مرحوم سينيٽر عرفان صديقي جي ڪٽنب سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار ڪٽنب سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن چيو ته مرحوم مدبر ۽ اصول …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي تعزيت جواظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان م هن مرحوم سينيٽر عرفان صديقي جي ڪٽنب سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار ڪٽنب سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن چيو ته مرحوم مدبر ۽ اصول پرست سياسي اڳواڻ ۽ علم، تدبر ۽ شائستگي جي سڃاڻپ رکندڙ هو. هن علم، ادب ۽ سياست ۾ اعليٰ قدرن کي هٿي ڏني، قومي سياست ۾ سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مرحوم هميشه برداشت، ڳالهين ۽ تحمل جو سبق ڏنو، سندس علمي ۽ فڪري ميراث ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راه آهي. سردا اياز صادق چيو ته سينيٽر عرفان صديقي جي وفات سبب پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.










