اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سينيٽر عرفان صديقيءَ جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته عرفان صديقي علم، ادب ۽ سياست ۾ هڪ باوقار شخصيت هو ۽ هن هميشه شائستگي، برداشت ۽ ڳالهين جي سياست کي هٿي ڏني. وفاقي وزير چيو ته عرفان صديقي جي وفات …
قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير پاران سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي تعزيت

مزید خبریں
اسلام آباد -11 نومبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سينيٽر عرفان صديقيءَ جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته عرفان صديقي علم، ادب ۽ سياست ۾ هڪ باوقار شخصيت هو ۽ هن هميشه شائستگي، برداشت ۽ ڳالهين جي سياست کي هٿي ڏني. وفاقي وزير چيو ته عرفان صديقي جي وفات ملڪ جي علمي، ادبي ۽ سياسي حلقن لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن پنهنجي قلمي پورهئي ۽ خدمتن ذريعي جمهوري قدرن ۽ قومي يڪجهتي کي مضبوط ڪيو. وفاقي وزير مرحوم جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.










