اسلام آباد -11 نومبر(اي پي پي) سينٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب ڊپٽي چيئرمين چيو ته سينيٽر عرفان صديقي مارچ 2021ع ۾ سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ويو هيو ۽ هو سينيٽ جي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جي چيئرمين طور به پنهنجيون ذميواريون انجام ڏيندو …
سينٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان پاران سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -11 نومبر(اي پي پي) سينٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب ڊپٽي چيئرمين چيو ته سينيٽر عرفان صديقي مارچ 2021ع ۾ سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ويو هيو ۽ هو سينيٽ جي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جي چيئرمين طور به پنهنجيون ذميواريون انجام ڏيندو رهيو. هن سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني ليڊر طور به نمايان خدمتون انجام ڏنيون. هن مرحوم جي علمي بصيرت ۽ پارلياماني خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته سندس خدمتن کي پاڪستاني پارليامينٽ ميمبر ۽ عوام هميشه ياد رکندو. هن مرحوم جي ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي ۽ الله تعالي کان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا به ڪئي.










