اسلام آباد-11 نومبر(اي پي پي) بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ يو اي اي جي ڊپٽي اسپيڪر۽ وفاقي قومي ڪائونسل جي سربراهي ۾ وفد اسلام آباد پهچي ويو. سينيٽ سيڪريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب يو اي اي جي وفد ۾ وفاقي ڪائونسل جا پارليامينٽ ميمبر شامل آهن. ان کان علاوه بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ فلپائن مان وفد اڳوڻي صدر ۽ عورت پارليامينٽ ميمبر گلوريا ماڪا …
بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ يو اي اي جو وفد اسلام آباد پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-11 نومبر(اي پي پي) بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ يو اي اي جي ڊپٽي اسپيڪر۽ وفاقي قومي ڪائونسل جي سربراهي ۾ وفد اسلام آباد پهچي ويو. سينيٽ سيڪريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب يو اي اي جي وفد ۾ وفاقي ڪائونسل جا پارليامينٽ ميمبر شامل آهن. ان کان علاوه بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ فلپائن مان وفد اڳوڻي صدر ۽ عورت پارليامينٽ ميمبر گلوريا ماڪا پاگال ارويوو جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد هوائي اڏي تي پهچي ويو. سينيٽ جي اعليٰ عهديدارن ڄاڻايل وفدن جو والهاڻو استقبال ڪيو. بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قائداڻين صلاحيتن جو نتيجو آهي. ڪانفرنس 11 کان 12 نومبر 2025ع تائين اسلام آباد ۾ جاري رهندي.










