اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته 27هين آئيني ترميمي بل جي منظوريءَ سان ميثاقِ جمهوريت جي اڻ مڪمل ايجنڊا پڄاڻيءَ تي پهتي. ان بل جي منظوري تي سمورن حصيدارن جو ٿورائتو آهيان. سينيٽ جي اجلاس ۾ 27هين آئيني ترميمي بل جي منظوريءَ کان پوءِ ڳالهائيندي قائدِ ايوان سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته هي تاريخي بل هو، هي ميثاقِ جمهوريت جي …
ستاويهين آئيني ترميمي بل جي منظوريءَ سان ميثاقِ جمهوريت جي اڻ مڪمل ايجنڊا پڄاڻيءَ تي پهتي: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته 27هين آئيني ترميمي بل جي منظوريءَ سان ميثاقِ جمهوريت جي اڻ مڪمل ايجنڊا پڄاڻيءَ تي پهتي. ان بل جي منظوري تي سمورن حصيدارن جو ٿورائتو آهيان. سينيٽ جي اجلاس ۾ 27هين آئيني ترميمي بل جي منظوريءَ کان پوءِ ڳالهائيندي قائدِ ايوان سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته هي تاريخي بل هو، هي ميثاقِ جمهوريت جي اڻ مڪمل ايجنڊا هئي، جنهن جي منظوريءَ تي مبارڪون ڏيان ٿو. ماضيءَ ۾ پي ٽي آءِ جي باني سميت ٻين سياسي اڳواڻن وفاقي آئيني عدالت جي قيام تي صحيحون ڪيون هيون. ان جو مقصد دنيا جي ٻين ملڪن وانگر عدليه ۾ توازن قائم ڪرڻ هو، ان سان عدالتي ڪارڪردگيءَ ۾ نمايان بهتري ايندي. هن چيو ته قوم آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير کي هيرو تسليم ڪيو. حڪومت فيلڊ مارشل جو عهدو ڏنو. هن چيو ته موجوده ججز جي سينيارٽي کي برقرار رکيو ويندو. هن آئيني ترميم سان ججن جي بدلين جو معاملو به حل ٿي ويو، هي آئيني ترميم سٺو سنوڻ آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي، آزاد ميمبرن سميت سمورين سياسي پارٽين جي حمايت تي شڪرگذار آهيان. ان جي منظوري ۾ جلدبازي نه ڪئي وئي. بل پهرين سينيٽ ۾ آڻڻ جو وعدو پورو ڪري ڇڏيو. سمورن ميمبرن کي اظهار راءِ جي مڪمل آزادي ڏني وئي. 18هين ترميم ۾ اي اين پي جي تجويز تي صوبي جو نالو خيبر پختونخوا رکيو ويو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ان آئيني ترميمي بل ۾ 64 ووٽ پيا آهن. مسلم ليگ (ن) جو پارلياماني ليڊر وينٽي ليٽر تي آهي ان لاءِ ووٽ وجهڻ نه اچي سگهيو ۽ منهنجو ذاتي ووٽ به آهي، مخالف ڌُر جو ايوان ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. مخالف ڌُر سميت سمورن ميمبرن ان تي پنهنجي راءِ ڏني. 18هين ترميم تي 57 تقريرون ٿيون. 1973ع جو آئين متفقه طور بڻيو. 27هين آئيني ترميمي بل تي سڀني سياسي پارٽين گڏجي اتفاق راءِ پيدا ڪئي. ميثاقِ جمهوريت تي اسان سڀني اتفاق ڪيو. ان آئيني ترميمي بل تي وڌ کان وڌ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين ڀرپور محنت ڪئي. آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ ۽ تعليم جي معاملي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي. سينيٽر نسيمه احسان چيو ته ان ترميم جي منظوريءَ تي پوري قوم کي مبارڪون پيش ڪريان ٿي.










