آئيني ترميمي بل سڀني سياسي پارٽين سان مشاورت ۽ تفصيلي بحث مباحثي کانپوءِ منظور ڪيو ويو: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته 27هين آئيني ترميمي بل سڀني سياسي پارٽين سان مشاورت ۽ تفصيلي بحث مباحثي کانپوءِ منظور ڪيو ويو. ان ترميم جي حوالي سان سڀني سياسي پارٽين پنهنجون تجويزون ڏنيون، جن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 27هين آئيني ترميمي بل تي ڪميٽي شاندار ڪم ڪيو. …

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته 27هين آئيني ترميمي بل سڀني سياسي پارٽين سان مشاورت ۽ تفصيلي بحث مباحثي کانپوءِ منظور ڪيو ويو. ان ترميم جي حوالي سان سڀني سياسي پارٽين پنهنجون تجويزون ڏنيون، جن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 27هين آئيني ترميمي بل تي ڪميٽي شاندار ڪم ڪيو. سڀني سياسي پارٽين ان تي تفصيلي بحث ڪيو. ميثاقِ جمهوريت تي عمل ڪندي وفاقي آئيني عدالت قائم ڪري رهيا آهيون. ٻئي عدالتون متوازي نظام تي آهن، جيڪو چيف جسٽس سينيارٽي جي حساب سان سينيئر هوندو اهوئي ججن جي مقرري ڪميشن ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي صدارت ڪندو. ايم ڪيو ايم مقامي حڪومتن، عوامي نيشنل پارٽي جي پارلياماني ليڊر ايمل ولي خان صوبي ڪي پي ڪي جي نالي جي حوالي سان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني ليڊر سينيٽر ڪامل علي آغا تعليم ۽ تحقيق بابت پاليسي سازي ۾ وفاق جي ڪردار، بلوچستان عوامي نيشنل پارٽي جي منظور ڪاڪڙ ۽ ٻين بلوچستان جي صوبائي اسيمبلين جي سيٽن جي انگ ۾ واڌ، سينيٽر عبدالقادر ۽ سينيٽر دنيش ڪمار پنهنجون پنهنجون تجويزون ڏنيون. ڪميٽي اجلاس ۾ بهترين مدد ڪرڻ تي ڪميٽي ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي عملي جو ٿورائتو آهيان. ان کان اڳ 27هين آئيني ترميمي بل تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر سيد فيصل سبزواري چيو ته سياستدانن وٽ جڏهن موقعو هجي ته ميرٽ ۽ انصاف تي عمل ڪن. هٿياربند فوج پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏني. پاڪستان کي افغانستان جو چئلينج درپيش آهي، اسان کي پاڪ فوج سان گڏ بيهڻ گهرجي. عوام کي ان آئيني ترميمي بل جا ثمر ملڻ گهرجن. سينيٽر خالده اطيب چيو ته 27هين آئيني ترميم ۾ ايم ڪيو ايم جون تجويزون شامل ڪيون وڃن. سينيٽر ايمل ولي خان چيو ته هي آئيني ترميمي بل اصولي ۽ وفاق جي تحفظ لاءِ آهي.