اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشنز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته "عزم استحڪام" تحت دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ڪارروايُون جاري رهنديُون. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر ڳُجهي معلومات جي بنياد تي اتر وزيرستان ۽ دره آدم خيل ۾ ڪيل آپريشنز جي ڪاميابي کي قوم …
صدر پاران خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشنز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشنز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته "عزم استحڪام” تحت دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ڪارروايُون جاري رهنديُون. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر ڳُجهي معلومات جي بنياد تي اتر وزيرستان ۽ دره آدم خيل ۾ ڪيل آپريشنز جي ڪاميابي کي قوم جي عزم ۽ استقلال جو مظهر قرار ڏنو. صدر آصف علي زرداري چيو ته فتنه الخوارج ۽ ان جا هندستان نواز سهولتڪار پاڪستان جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن ۽ مُلڪ ۾ ٻاهرين مدد سان سرگرم دهشتگردن جو مُڪمل خاتمو قومي اتفاق راءِ سان ڪيو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري شهيدن کي خراج عقيدت ۽ سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ همٿ کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر ان عزم کي ورجايو ته ” عزم استحڪام ” تحت دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ڪارروايُون جاري رهنديُون.










