سينيٽ پاران 27هين آئيني ترميم بل ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظور

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) سينيٽ 27هين آئيني ترميمي بل ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت اسان منظور ڪري ورتي. سينيٽ جي اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ رٿ پيش ڪئي ته 27هين آئيني ترميمي بل اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ مان رپورٽ هئڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو. اجلاس …

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) سينيٽ 27هين آئيني ترميمي بل ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت اسان منظور ڪري ورتي. سينيٽ جي اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ رٿ پيش ڪئي ته 27هين آئيني ترميمي بل اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ مان رپورٽ هئڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ترميمون هڪ هڪ ڪري پيش ڪيون. مخالف ڌُر جي گوڙ ۾ 27هين آئيني بل جي شق وار منظوريءَ دوران سينيٽر سيف الله ابڙو پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ شامل نه ٿيو ۽ ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جي يو آءِ جي سينيٽر احمد خان ۽ سينيٽر نسيمه احسان به ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو. ترميم جي حق ۾ 64 ووٽ ۽ مخالفت ۾ صرف 2 ووٽ وڌا ويا. اهڙيءَ طرح حڪومت 27هين آئيني ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل ڪرڻ م ڪامياب وئي. مخالف ڌُر جي اعتراض کان پوءِ ٻيهر ڳڻپ ڪئي وئي پر سينيٽ چيئرمين چيو ته ترميم جي حق ۾ 64 ووٽ آيا ۽ ڪنهن به مخالفت نه ڪئي. آئيني عدالت جي قيام بابت آرٽيڪل 42 ۾ ترميم اڪثريت راءِ سان منظور ٿي وئي. آرٽيڪل 59 ۾ ترميم به اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي. آرٽيڪل 63 اي ۾ لفظ سپريم ڪورٽ جي جاءِ تي وفاقي آئيني عدالت ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. آرٽيڪل 68 ۾ پارلياماني بحث جي حوالي سان وفاقي آئيني عدالت جو ذڪر شامل ڪرڻ جي ترميم منظور ڪئي وئي. آرٽيڪل 78 ۾ ترميم لاڳاپيل پيراگراف ۾ وفاقي آئيني عدالت جو ذڪر شامل ڪرڻ جي ترميم به منظور ڪئي وئي. آرٽيڪل 81 جي ٻنهي پيراگرافن ۾ عدالت جو اضافو ڪرڻ جي ترميم به منظور ڪئي وئي. آرٽيڪل 114 ۾ وفاقي آئيني عدالت جو نالو شامل ڪرڻ، آرٽيڪل 130 ۾ وڏن وزيرن جي صلاحڪارن جي انگ ۾ واڌ، آرٽيڪل 165 اي ۾ وفاقي آئيني عدالت جي نالي جو اضافو ڪرڻ، آرٽيڪل 175 جي تعريف ۾ وفاقي آئيني عدالت پاڪستان جو ذڪر شامل ڪرڻ ۽ پاڪستان جي آئين ۾ آرٽيڪل 175 اي ۾ ترميمون منظور ڪيون ويون. جوڊيشل ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ بابت سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت جي هڪ هڪ سينيئر جج کي شامل ڪرڻ ۽ اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرريءَ لاءِ آرٽيڪل 175 اي ۾ ترميم، وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جوڊيشل ڪميشن جي ميمبر هئڻ جي ترميم به منظور ڪئي وئي. منظور ترميم موجب سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس به جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر هوندو، سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت سينيئر هڪ هڪ جج به جوڊيشل ڪميشن جا ميمبر هوندا. آرٽيڪل 175 ڊي ۾ ترميم اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي، آرٽيڪل 175 ڊي ۾ آئيني عدالت جي ججز کان ٻيهر حلف وٺڻ جي ترميم به منظور ڪئي وئي. آئيني عدالت جي جج پاڪستان جي آئين جي ٿرڊ شيڊول موجب حلف وٺندو. منظور ڪيل ترميم موجب وفاقي آئيني عدالت جو فيصلو پاڪستان جي سمورين عدالتن سميت سپريم ڪورٽ تي به لاڳو هوندو. سپريم ڪورٽ جو ڪوبه فيصلو وفاقي آئيني عدالت تي لاڳو نه ٿيندو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو لاڳو ٿيڻ ملڪ جي آئيني عدالت کانسواءِ ملڪ جي سمورين عدالتن تي ٿيندو. آئيني بينچز ۾ عام مفاد جا سمورا ڪيس وفاقي آئيني عدالت ۾ منتقل ٿيندا. ترميم موجب وفاقي آئيني عدالت ۾ هاءِ ڪورٽ جو اهو جج ميمبر بڻجي سگهي ٿو جنهن هاءِ ڪورٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 سال جج طور خدمتون ڏنيون. چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت کي جوڊيشل ڪميشن ۾ نمائندگي ڏيڻ جي ترميم به منظور ڪئي وئي. سموريون 59 شقون ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظور ڪيون ويون. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ترميمن جي شق وار منظوريءَ کان پوءِ ڄاڻايل منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. بعد ۾ سينيٽ چيئرمين ايوان ۾ بل جي منظوري جو طريقيڪار پڙهي ٻُڌايو. پنج منٽ گهنٽيون وڄائڻ کان پوءِ ايوان جا دروازا بند ڪيا ويا. سينيٽ چيئرمين بل جي حامي ميمبرن کي ساڄي پاسي ۽ مخالف ميمبرن کي کاٻي پاسي جي لابي طرف وڃڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کان پوءِ ميمبرن جي ڳڻپ ڪئي وئي. بل جي حق ۾ 64 ووٽ جڏهن ته مخالفت ۾ ڪوبه ووٽ نه پيو. اهڙيءَ طرح هي بل ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو.