سينيٽر سيف الله ابڙو جو سينيٽ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ جو اعلان

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) سينيٽر سيف الله ابڙو سينيٽ اجلاس ۾ پنهنجي سينيٽ جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سينيٽ اجلاس ۾ 27 هين آئيني ترميمي بل جي منظوري کانپوءِ سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪ فوج، ڀارت کي شڪست ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسان جي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي عزت …

اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) سينيٽر سيف الله ابڙو سينيٽ اجلاس ۾ پنهنجي سينيٽ جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سينيٽ اجلاس ۾ 27 هين آئيني ترميمي بل جي منظوري کانپوءِ سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪ فوج، ڀارت کي شڪست ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسان جي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي عزت ڏني، پاڪ فوج جي ڪري ان ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي، سڀني پنهنجي حڪومت ۾ اهڙي قانون سازي ڪندا آهن، 26 هين آئيني ترميم جي موقعي تي منهنجي خاندان جي گرفتاري تي پي ٽي آءِ ڪو به آواز نه اٿاريو، هاڻي مان سينيٽ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيان ٿو.