لاڙڪاڻو-10 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 1973ع جو آئين ٺاهڻ ۾ لاڙڪاڻي وارن جو رت شامل آهي، جنهن جو ڀرپور دفاع ڪنداسين. 27 هين آئيني ترميم تحت وفاقي آئيني عدالت قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾ چئني صوبن کي نمائندگي ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي جي پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ سنڌ ويٽ گروورس سپورٽ پروگرام جي افتتاحي تقريب کي …
آئين ٺاهڻ ۾ لاڙڪاڻي وارن جو رت شامل آهي، جنهن جو ڀرپور دفاع ڪنداسين: پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-10 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 1973ع جو آئين ٺاهڻ ۾ لاڙڪاڻي وارن جو رت شامل آهي، جنهن جو ڀرپور دفاع ڪنداسين. 27 هين آئيني ترميم تحت وفاقي آئيني عدالت قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾ چئني صوبن کي نمائندگي ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي جي پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ سنڌ ويٽ گروورس سپورٽ پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت مقرر ڪئي وئي آهي. پهريان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي چوندو هئس ته ڪڻڪ جي قيمت مقرر ڪئي وڃي، پر وڏو وزير چوندو هو ته آءِ ايم ايف پروگرام سبب هٿ ٻڌل آهن، پر هن سال مون وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته ٻوڏ سبب زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ بجلي جي قيمت ۾ رليف ڏنو وڃي ۽ هارين کي سپورٽ پرائس ڏني وڃي ۽ جڏهن وزيراعظم اسان جي ڳالهه مڃي، تڏهن اسان ڪڻڪ جي 3500 رپيا في مڻ سپورٽ پرائس مقرر ڪئي. پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته سنڌ جي 90 سيڪڙو هارين کي ڊي اي پي ۽ ٻج جي مد ۾ ”بينظير هاري ڪارڊ“ تحت 24 هزار رپيا في ايڪڙ رقم ڏني پئي وڃي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت 2022ع جي ٻوڏ دوران به هارين کي سهارو ڏنو هو ۽ هن سال ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آءِ ايم ايف تي واضح ڪيو ته اسان ڪڻڪ جي سپورٽ رقم مقرر ڪنداسين، تنهن ڪري 56 ارب رپيا مختص ڪيا آهن. هن چيو ته هن وقت اسان ڊي اي پي ۽ ٻج جي مد ۾ 14 هزار رپيا ڏئي رهيا آهيون ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ رقم ڏني ويندي، جيڪا 24 هزار رپيا ٿيندي ۽ اها اوهان جي فصل جي پوک ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مون کي هدايت ڪئي آهي ته سارين جي فصل جي قيمت لاءِ به ڪو نظام تيار ڪيون، جنهن لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. تقريب کي خطاب ڪندي زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته اڄ 5 هزار هارين کي ”سنڌ ويٽ گروورز سپورٽ پروگرام“ تحت روڪ رقم ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته موسمياتي تبديليءَ سبب تمام گهڻو اثر پيو آهي، پيداوار ۾ گهٽتائي آئي آهي، تنهن ڪري اسين ٻج تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته فصل جي پيداواري لاڳت وڌي وئي آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايتن تي ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس مقرر ڪئي وئي آهي. اسين پاڻي جي بچاءَ تي به ڪم ڪري رهيا آهيون، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي گذارش آهي ته سارين جي فصل جو به امدادي اگهه مقرر ڪيو وڃي. تقريب ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي لاڙڪاڻو جميل احمد سومرو، ايم پي اي سهيل انور سيال، سيڪريٽري ايگريڪلچر محمد زمان ناريجو، ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا لاڙڪاڻو، پيپلزپارٽيءَ جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ موجود هئا.










