اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ناليواري تعليمي ماهر ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي وفات سان ملڪ هڪ روشن دماغ ۽ فڪري اڳواڻ کان محروم …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران ناليواري تعليمي ماهر ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ناليواري تعليمي ماهر ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي وفات سان ملڪ هڪ روشن دماغ ۽ فڪري اڳواڻ کان محروم ٿي ويو آهي. مرحومه تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جون خدمتون ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهن. اسپيڪر مرحومه جي ڪٽنب ۽ ان جي چاهيندڙن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سردار اياز صادق چيو ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.










