اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ رٿيل بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان، ازبڪستان، ڪينيا، فلسطين، مراڪش، روانڊا، مالديپ، ملائيشيا، فلپائن، سربيا، نيپال، لائبيريا ۽ سعودي عرب جا وفد اسلام آباد پهچي ويا. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب اردن مان نائب وزيراعظم توفيق ڪريشان جي اڳواڻيءَ ۾ وفد اسلام آباد پهتو. وفد ۾ اردن جي مٿئين سينيٽ جي ميمبر حمادي الفواز ۽ ٻيو …
اسلام آباد ۾ رٿيل بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وفد اسلام آباد پهچي ويا

مزید خبریں
اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ رٿيل بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان، ازبڪستان، ڪينيا، فلسطين، مراڪش، روانڊا، مالديپ، ملائيشيا، فلپائن، سربيا، نيپال، لائبيريا ۽ سعودي عرب جا وفد اسلام آباد پهچي ويا. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب اردن مان نائب وزيراعظم توفيق ڪريشان جي اڳواڻيءَ ۾ وفد اسلام آباد پهتو. وفد ۾ اردن جي مٿئين سينيٽ جي ميمبر حمادي الفواز ۽ ٻيو عملو شامل آهي. سينيٽ جي اعليٰ عملدارن اردن جي وفد جو شاندار استقبال ڪيو. آذربائيجان مان ملي مجلس جي ڊپٽي اسپيڪر علي احمديوف جي سربراهيءَ ۾ پارلياماني وفد اسلام آباد پهتو. ازبڪستان جي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين صودق سيفووف جڏهن ته ڪيمرون مان پارليامينٽ جي ميمبرڪماسي سائمن پوو جي اڳواڻيءَ ۾ وفد اسلام آباد پهتو. گوئٽي مالا جي اڳوڻي صدر جمي موراليس، ڪينيا جو ڊپٽي اسپيڪر فراح مالم محمد ۽ فلسطين جي قومي ڪائونسل جو اسپيڪر روحي احمد محمد فتوح به پنهنجي پنهنجي وفدن سان اسلام آباد پهچي ويا. سعودي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي نائب چيئرمين عبدالله بن عدم فلاتعه جي اڳواڻيءَ ۾ وفد اسلام آباد پهتو. وفد ۾ ڊاڪٽر عثمان هاڪاماني، عبدالله اطلاس ۽ ڊاڪٽر معين المدني شامل آهن. سينيٽر نديم احمد ڀٽو ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ جي سينيئر آفيسرن سعودي وفد جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. مراڪش مان اسپيڪر هائوس آف ڪائونسلرز محمد ولد الرشيد، روانڊا مان صدر سينيٽ فرانڪيوس زيوير، مالديپ مان اسپيڪر عبدالرحيم عبدالله، ملائيشيا مان مٿئين ايوان جي نائب صدر نور جزلان بن محمد ۽ فلپائن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. الجيريا مان پارليامينٽ جي ميمبر سعدا روس جي اڳواڻيءَ ۾ وفد، بارباڊوس مان اسپيڪر آرٿر يوجين هولڊر ۽ سربيا مان ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي ايڊن ڊرليڪ جي سربراهيءَ ۾ پارلياماني وفد به اسلام آباد پهچي ويا. اهڙيءَ طرح تاجڪستان جي نمائندن واري ايوان جو نائب اسپيڪر عزيز گيوزودا ۽ عالمي تنظيم جي سي پي آر گلوبل جو آفيسر ڊاڪٽر نوال عالم مظمدر به اسلام آباد پهتو. نيپال جي نمائندن واري ايوان جو سيڪريٽري هرڪاراج راءِ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچيو ويو. لائبيريا جي نمائندن واري ايوان جو ڪميٽي ميمبر مسٽر سيم پي جالله به بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي ويا. ايئرپورٽ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ جي سينيئر آفيسرن ڊائريڪٽر جنرل پروٽوڪول ۽ لاڳاپيل عملدارن سمورن معزز مهمانن جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ مختلف وفدن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. هي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلانيءَ جي دورانديش قيادت، مؤثر سفارتي ويزن ۽ عالمي پارلياماني تعاون کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن جو اظهار آهي. ڪانفرنس اڄ ۽ سڀاڻي تائين اسلام آباد ۾ جاري رهندي جنهن ۾ دنيا جي مختلف خطن مان آيل پارلياماني اڳواڻ، ميمبر ۽ عالمي تنظيمن جا نمائندا شرڪت ڪندا. هي ڪانفرنس عالمي امن، گڏيل تعاون، پارلياماني سفارتڪاري، جمهوري قدرن ۽ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي ۽ مختلف ملڪن جي پارلياماني ادارن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.










