اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي عوام سان وفاقي حڪومت جيڪو معاهدو ڪيو آهي ان جو حڪومت جي تبديليءَ سان ڪو تعلق ناهي، ان تي عملدرآمد ٿيندو، ڪشمير لاءِ جيترو به ممڪن ٿيو اسان ڪنداسين. اهڙو اظهار هن مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف، مسلم ليگ (ن) ڪي پي ڪي جي …
آزاد ڪشمير جي عوام سان وفاقي حڪومت جيڪو معاهدو ڪيو آهي ان جو حڪومت جي تبديليءَ سان ڪو تعلق ناهي: امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي عوام سان وفاقي حڪومت جيڪو معاهدو ڪيو آهي ان جو حڪومت جي تبديليءَ سان ڪو تعلق ناهي، ان تي عملدرآمد ٿيندو، ڪشمير لاءِ جيترو به ممڪن ٿيو اسان ڪنداسين. اهڙو اظهار هن مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف، مسلم ليگ (ن) ڪي پي ڪي جي اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ ٻين سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قاضي وقار مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، هو هڪ ناليوارو ڪاروباري ۽ سماجي شخصيت آهي، جنهن جو تعلق ڊيرا غازي خان سان آهي. انجنيئر امير مقام نئين شامل ٿيندڙ ڪاروباري شخصيت جي آجيان ڪندي چيو ته بلور خاندان جون پاڪستان لاءِ وڏيون سياسي خدمتون آهن، ان جي خاندان مان ثمر بلور هن وقت مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪئي، جڏهن ته سينيٽر بهره مند تنگي مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيو. نوابزاده محسن علي خان به مسلم ليگ (ن) ۾ واپس آيو. علي هادي ڪرم کان آزاد ڪاميابي حاصل ڪري مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪئي. زاهد خان جيڪو سياسي ميدان ۾ اهم مقام رکي ٿو اهو به ويجهڙ ۾ اسان جي ٽيم جو حصو بڻيو آهي. ان سڀني نَون شامل ٿيندڙن کي ڀليڪار چوان ٿو. ڪي پي ڪي جي عوام کي ان جو اندازو ٿي چڪو آهي ته ايندڙ مهينن ۾ وڌيڪ ماڻهو اسان سان شامل ٿيندا. ڪي پي ڪي جي عوام فيصلو ڪري ورتو آهي ته هو مسلم ليگ (ن) جو ساٿ ڏيندا. امير مقام چيو ته گذريل 3 دؤرن دوران ڪي پي ڪي ۾ صرف نعريبازي ۽ سوشل ميڊيا جي پارٽي حڪومت ڪري رهي آهي، کين ڪي پي ڪي جي عوام طرفان مسلسل مينڊيٽ ڏيڻ کانپوءِ هاڻ ٻين صوبائي حڪومت سان پنهنجو ڀيٽ ڪرڻ گهرجي ته اسان عوام لاءِ ڇا ڪيو؟ هتي سندن وٽ ڪو جواب ناهي ۽ نه ئي دليل آهي. هن صوبي جي عوام کي صرف ڪوڙا نعرا ۽ ڪوڙا خواب ڏيکاريا. امير مقام چيو ته نئون وزيراعليٰ يونين ڪائونسل سطح جي جذباتي نمائندي وانگر گهٽين جي سياست ڪري رهيو آهي. هو ادارن تي ڪوڙا الزام لڳائي رهيو آهي. مسجدن جي حوالي سان غير ذميواراڻي بيان جو مقصد ڇا آهي. هن چيو ته کيس قوم پاڪ فوج ۽ شهيدن جي ڪٽنبن کان پنهنجي بيان تي معافي وٺڻ گهرجي. امير مقام چيو ته صرف هڪ نالي کان علاوه وزيراعليٰ وٽ ڪو صوبي لاءِ منصوبو ناهي کيس صوبي جي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ پلان بڻائڻ گهرجن. هن چيو ته ان جي دؤر ۾ ئي تحريڪ طالبان جي دهشتگردن کي ٻيهر سوات ۾ آباد ڪيو ويو، ان جي ان قدمن ۽ پاليسين جو ثمر عوام ڏسي ورتو آهي. انجنيئر امير مقام چيو ته ڪنهن صوبي کي اها اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته هو سرحد جا معاملا ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن جي حوالي سان پاليسي بڻائي. وزيراعليٰ ڪي پي ڪي جي غير ذميداراڻي بيان جي مذمت ڪندي چيو ته کيس شائستگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، جلسي جلوسن ۽ عملي خدمت ۾ فرق آهي.










