اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ 27 هين آئيني ترميم بل بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. سينيٽ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ اها رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. بعد ۾ رپورٽ جي نقطن بابت ايوان کي آگاهه ڪندي هن چيو ته 27 هين آئيني ترميم جو بل سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽين …
سينيٽ ۾27 هين آئيني ترميم بل بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ 27 هين آئيني ترميم بل بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. سينيٽ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ اها رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. بعد ۾ رپورٽ جي نقطن بابت ايوان کي آگاهه ڪندي هن چيو ته 27 هين آئيني ترميم جو بل سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽين کي موڪليو ويو هو جنهن جو گڏيل اجلاس ٿيو. ڪميٽي بل ۾ ڪيتريون ئي تبديليون تجويز ڪيون، 26 هين آئيني ترميم ۾ آئيني بينچ جوڙي وئي، وفاقي آئيني عدالت جو قيام ميثاق جمهوريت جو حصو آهي. ڪميٽي 27 هين آئيني ترميم ۾ به وفاقي آئيني عدالت جي قيام جي منظوري ڏني ۽ تجويز ڏني ته ان ۾ سمورن صوبن جي برابر نمائندگي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نمائندگي هجي، ان آئيني عدالت جي جج لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪم ڪرڻ جو 5 سال جو تجربو هجي، ڪميٽي هاءِ ڪورٽن جي ججن جي مقرري ۽ بدليءَ جي حوالي سان به تجويزون پيش ڪيون.










