نيپال ۽ لائبيريا جا وفد بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي ويا

اسلام آباد-10 نومبر(اي پي پي) نيپال جي نمائندن واري ايوان جو سيڪريٽري هرڪاراج راءِ، لائبيريا جي نمائندن واري ايوان جو اسپيڪر رچرڊ نيگبي ۽ ايوان جي هائيڊرو ڪاربن ڪميٽي جو چيئرمين ۽ امن ۽ مفاهمت ڪميٽي جو ميمبر به بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويا. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق ايئرپورٽ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ جي سينيئر آفيسرن لائبيريا ۽ نيپال جي اسپيڪرز …

اسلام آباد-10 نومبر(اي پي پي) نيپال جي نمائندن واري ايوان جو سيڪريٽري هرڪاراج راءِ، لائبيريا جي نمائندن واري ايوان جو اسپيڪر رچرڊ نيگبي ۽ ايوان جي هائيڊرو ڪاربن ڪميٽي جو چيئرمين ۽ امن ۽ مفاهمت ڪميٽي جو ميمبر به بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويا. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق ايئرپورٽ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ جي سينيئر آفيسرن لائبيريا ۽ نيپال جي اسپيڪرز ۽ سندن وفد جي آجيان ڪئي. بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس 11 کان 12 نومبر تائين اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي. اها ڪانفرنس سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي اڻٿڪ ڪوششن جو نتيجو آهي.

مزید خبریں