اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) ملڪ ۾ دالين جي قيمتن ۾ آڪٽوبر دوران ماهوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ٿي. وفاقي شمارياتي اداري (پي بي ايس) جي انگن اکرن مطابق آڪٽوبر ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هڪ ڪلوگرام مسور جي دال جي سراسري قيمت 294.32 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 0.36 سيڪڙو گهٽ آهي. سيپٽمبر ۾ مسور جي دال جي سراسري قيمت 295.39 روپيا رڪارڊ …
ملڪ ۾ دالين جي قيمتن ۾ آڪٽوبر دوران گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) ملڪ ۾ دالين جي قيمتن ۾ آڪٽوبر دوران ماهوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ٿي. وفاقي شمارياتي اداري (پي بي ايس) جي انگن اکرن مطابق آڪٽوبر ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هڪ ڪلوگرام مسور جي دال جي سراسري قيمت 294.32 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 0.36 سيڪڙو گهٽ آهي. سيپٽمبر ۾ مسور جي دال جي سراسري قيمت 295.39 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن مطابق آڪٽوبر ۾ هڪ ڪلوگرام مڱن جي دال جي سراسري قيمت 383.58 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 0.93 سيڪڙو گهٽ آهي. سيپٽمبر ۾ مڱن جي دال جي سراسري قيمت 387.18 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي. اهڙي طرح آڪٽوبر ۾ ماش جي دال جي سراسري قيمت 448.06 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 0.06 سيڪڙو گهٽ آهي. سيپٽمبر ۾ ماش جي دال جي سراسري قيمت 448.35 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن مطابق چڻن جي دال جي سراسري قيمت 299.69 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 2.95 سيڪڙو گهٽ آهي. سيپٽمبر ۾ چڻن جي دال جي سراسري قيمت 308.80 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي هئي.










