اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مشهور ادبي شخصيت ۽ دانشور ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم تعليم، تدريس، تحقيق ۽ خاص طور تي اردو ٻولي جي واڌاري لاءِ ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي مرحومه جي مغفرت ۽ درجن جي …
وزيراعظم پاران مشهور ادبي شخصيت ۽ دانشور ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مشهور ادبي شخصيت ۽ دانشور ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم تعليم، تدريس، تحقيق ۽ خاص طور تي اردو ٻولي جي واڌاري لاءِ ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي مرحومه جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي آهي.










