پاڪستان ڀارت طرفان ڪيل سازش ناڪام بڻائي ڇڏي، اعجاز نالي ملاح کي گرفتار ڪري ورتو: عطا الله تارڙ

اسلام آباد-01 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي عطا الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان حق جي ويڙهه ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ دشمن ملڪ جي هڪ ٻي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڳجهن ادارن ڀارت طرفان ڪيل سازش کي ناڪام بڻائيندي اعجاز نالي ملاح کي گرفتار ڪري ورتو جنهن ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي …

اسلام آباد-01 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي عطا الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان حق جي ويڙهه ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ دشمن ملڪ جي هڪ ٻي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڳجهن ادارن ڀارت طرفان ڪيل سازش کي ناڪام بڻائيندي اعجاز نالي ملاح کي گرفتار ڪري ورتو جنهن ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڀارت جنگ جي ميدان ۾ شڪست کي وساري نه سگهيو آهي ۽ آپريشن سندور جي ناڪامي کانپوءِ هن مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جي مهم شروع ڪئي. هن چيو ته سفارتي محاذ تي به ڀارت کي پنهنجي بياني ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. جنگ دوران انڊيا جي سڄي ميڊيا ڪوڙو بيانيو گهڙيو ۽ پنهنجي ڪوڙين خبرن ۾ لاهور ۽ ملتان جي بندرگاهن کي به تباهه ٿيل قرار ڏنو جيتوڻيڪ لاهور ۽ ملتان لينڊ لاڪ شهر آهن جتي ڪو به بندرگاهه موجود ئي ناهي. هن چيو ته ويجهڙ ۾ اسان کي هڪ وڏي ڪاميابي ملي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن اعجاز نالي هڪ ملاح کي گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪو هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ سمنڊ ۾ مڇي مارڻ ويو هو جنهن کي ڀارت جي ڪوسٽ گارڊز گرفتار ڪري ورتو ۽ ان جي گرفتاري کانپوءِ ان کي ڪنهن اڻڄاتل هنڌ تي منتقل ڪيو ويو. اعجاز کي ڀارتي ڳجهين ايجنسين رقم ۽ مشورا ڏئي پاڪستان نيوي، پاڪستان آرمي ۽ سنڌ رينجرز جي يونيفارم سميت ٻيون حساس شيون خريد ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي آزاد ڪيو. هي انڊين انٽيليجنس ايجنسي جو پاڪستان خلاف پروپيگنڊا جو هڪ ٻيو قدم هو. هن چيو ته اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انتهائي متحرڪ آهن، جڏهن اعجاز انهن شين جي خريداري ڪري رهيو هو ته پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن سندس پيڇو ڪيو ۽ بعد ۾ کيس گرفتار ڪري ورتو. هن چيو ته گرفتاري وقت اعجاز جي قبضي مان ڪيتريون ئي شيون هٿ آيون جن مان سم ڪارڊز، ماچيس، لائيٽرز وغيره شامل آهن. پڇاڳاڇا دوران خبر پئي ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي مالي لالچ ۽ دٻاءُ ذريعي اعجاز ملاح کي استعمال ڪيو ۽ جوابدار  گرفتاري کانپوءِ ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ورتو، ان موقعي تي اعجاز ملاح جو اعترافي بيان به ميڊيا سامهون هلايو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مان اعجاز ملاح ولد رياض ملاح رهندڙ ٺٽو ضلعو ۽ خانداني طور ماهيگيري جو ڪم ڪريان ٿو، آگسٽ 2025ع ۾ مون کي ڀارتي ڪوسٽ گارڊز گرفتار ڪيو، مون کي چيو ويو ته اوهان جي ڪيسن جي ڪارروائي ۾ 2 کان 3 سال لڳي سگهن ٿا، پوءِ مون کي چيو ويو ته جيڪڏهن مان انهن لاءِ ڪم ڪريان ته منهنجي آزادي فوري طور ممڪن آهي. جڏهن ته پئسن ۽ انعام جي لالچ پڻ ڏني وئي. اعجاز ملاح ٻڌايو ته پوءِ مون کي آزاد ڪيو ويو ۽ هدايت ڪئي وئي ته نيوي، رينجرز ۽ آرمي جون ورديون، 3 زونگ سم ڪارڊز، ٽي موبائيل دڪانن جا بل، پاڪستاني ماچيس ۽ سگريٽس جا ڏٻا، لائيٽر کانسواءِ پراڻا 100 ۽ 50 جا نوٽ به فراهم ڪيا وڃن. جڏهن سامان گڏ ڪري آڪٽوبر ۾ دريا ڪناري واپس وڃڻ لاءِ روانو ٿيس ته منهنجي گرفتاري ٿي. اعجاز ملاح ٻڌايو ته سندس رابطو ڀارتي ڳجهي ايجنسي جي هڪ آفيسر اشوڪ ڪمار سان هو جنهن هي سامان ۽ تصويرون موڪليون. وفاقي وزير چيو ته سموريون شاهديون موجود آهن، فرانزڪ تجزئي ۾ وائيس نوٽ به سامهون آيا آهن، اعجاز ملاح کي سڳ سودو گرفتار ڪيو ويو، هي ساز ۽ سامان ڀارت کڻي وڃي رهيو هو ان کي ادا ڪيل رقم به تفصيل به اسان وٽ آهن. ان معاملي تي ڀرپور طريقي سان نه رڳو ميڊيا تي اٿاريو ويندو پر عالمي فورمن تي به پرڏيهي آفيس ذريعي ٽيڪ اپ ڪيو ويندو ته جيئن ڀارت جي سازش کي بي نقاب ڪري سگهجي. هن چيو ته ڀارت جي پروپيگنڊا وار فيئر ۾ افغانستان به شامل آهي، جڏهن اولهندي سرحد تان حملو ڪيو ويو ته افغان پرڏيهي وزير نئين دهلي ۾ ويٺل هو، هن چيو ته هاڻي افغانستان به ڀارت کان سکي رهيو آهي ته پروپيگنڊا وار فيئر ڪيئن ڪرڻو آهي، هي ڀارت وڃي ڪشمير تي ڪمينٽ ڪن ٿا پر سندن پنهنجو اسٽيٽس ڇا آهي، هي ته نه ٽن ۾ آهن نه تيرهن ۾ ۽ نه ئي هي عالمي سطح تي ڪنهن جي نمائندگي ڪن ٿا. هن چيو ته اسان جي پاڪ فوج پاڻ کان 4 ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏني، اسان افغان پناهگيرن کي هتي پنهنجي خرچ تي رهايو، انهن جي مهمانوازي ڪئي. وفاقي وزير چيو ته آزاد ڪشمير جي علائقي بيلانور شاهه جي باري ۾ چيو ويو ته هتي دهشتگردن جو تربيتي ڪيمپون آهن ۽ جنهن ڏينهن ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته اسان ميڊيا نمائندن سان مريدڪي ۽ بهاولپور وڃڻا هئاسين ته ڀارت انهن ئي هنڌن کي نشانو ان لاءِ بڻايو ته کين خوف هو ته اسان سڀ ڪجهه ڏيکارينداسين ته اتي ڪجهه ناهي ۽ ان جي حملن جي سموري رٿابندي ناڪام ٿي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اعجاز ملاح کي سمنڊ مان ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن هو انڊيا وڃي رهيو هو، شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته ان کي سڳ سودو پڪڙيو وڃي. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسيون جوابدار کي ڪيترائي ڀيرا سرويلنس ۾ رکن ٿيون ته جيئن ان جي اصل ارادي جي خبر پئجي سگهي ۽ هو موقعي تي گرفتار ٿي سگهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آءِ ايس پي آر جي ڊي جي ۽ سڌ سماءُ واري وزارت پروپيگنڊا وار فيئر کي ڪائونٽر ڪرڻ ۾ گڏ آهن، ان ۾ ڪا به ٻي راءِ ناهي. وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي پروپيگنڊا جو پاڪستان جي صحت تي ذري برابر به فرق نٿو پوي. هن چيو ته ترڪيه جي پرڏيهي آفيس جي اسٽيٽمنٽ واضح آهي، افغانستان جي ذميواري آهي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان سندن سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ٿي.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هٿياربند فوج هميشه تيار رهندي آهي، فتنه الخوارج، فتنه الهندستان کي ڪلچيو پيو وڃي، دهشتگردن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستاني قوم، حڪومت ۽ پاڪ فوج مڪمل طور متفق ۽ متحرڪ آهن. انشاءُ الله دهشتگردي جو خاتمو ٿيندو. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي اي جي سمز جي حوالي سان ريگوليشنز موجود آهن، سمز تصديق ٿيل هونديون آهن، بايوميٽرڪ کانسواءِ ڪا به سم نٿي ملي. هن چيو ته پاڪ فوج ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هميشه تيار هوندي آهي. آپريشن سندور ۾ دشمن کي شڪست ٿي ان لاءِ هو پروپيگنڊا وار فيئر ڪري رهيو آهي ان ۾ به کيس شڪست ملندي.

مزید خبریں