اسلام آباد 01- نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي عوام ۽ پوري قوم کي گلگت بلتستان جي آزادي جي ڏينهن جي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پهرين نومبر 1947ع تي گلگت بلتستان جي بهادر عوام جرئت، اتحاد ۽ حب الوطني جو مظاهرو ڪندي ڊوگرا راڄ کان آزادي حاصل ڪئي ۽ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو. …
وزيراعظم پاران گلگت بلتستان جي عوام ۽ پوري قوم کي گلگت بلتستان جي آزادي جي ڏينهن جي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد 01- نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي عوام ۽ پوري قوم کي گلگت بلتستان جي آزادي جي ڏينهن جي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پهرين نومبر 1947ع تي گلگت بلتستان جي بهادر عوام جرئت، اتحاد ۽ حب الوطني جو مظاهرو ڪندي ڊوگرا راڄ کان آزادي حاصل ڪئي ۽ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو. هي ڏينهن ملڪ لاءِ عظيم قرباني، عزم ۽ محبت جي ياد ڏياري ٿو جنهن خطي جي تاريخ بدلائي ڇڏي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي نوجوانن جي ترقي، خوشحالي ۽ بهتر مستقبل لاءِ پرعزم آهي. سياحت، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ تعليم جي شعبن ۾ جاري منصوبا گلگت بلتستان جي ترقي ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا. گلگت بلتستان جي عوام کي ترقي جا سڀ موقعا فراهم ڪيا ويندا ته جيئن اهي قومي ڌارا ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. اڄ جو ڏينهن اسان کي ان وچن کي ورجائڻ جو پيغام ڏئي ٿو ته اسان آزادي، اتحاد ۽ ترقي جو سفر نئين توانائي ۽ جذبي سان جاري رکنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ گلگت بلتستان ۽ پاڪستان کي امن، ترقي ۽ خوشحالي سان نوازي.











