سينيٽ چيئرمين پاران گلگت بلتستان جي 78هين يوم آزادي تي عوام کي مبارڪون

اسلام آباد 01- نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني گلگت بلتستان جي 78هين يوم آزادي جي موقعي تي اتي جي عوام کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته گلگت بلتستان جو عوام ڊوگره حڪومت خلاف بهادري ۽ عزم جو لازوال مثال قائم ڪيو. هن چيو ته پهرين نومبر 1947ع گلگت بلتستان جي آزادي واري جدوجهد جو تاريخي ڏينهن آهي، جڏهن ته اتي جي عوام پنهنجين قربانين ۽ …

اسلام آباد 01- نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني گلگت بلتستان جي 78هين يوم آزادي جي موقعي تي اتي جي عوام کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته گلگت بلتستان جو عوام ڊوگره حڪومت خلاف بهادري ۽ عزم جو لازوال مثال قائم ڪيو. هن چيو ته پهرين نومبر 1947ع گلگت بلتستان جي آزادي واري جدوجهد جو تاريخي ڏينهن آهي، جڏهن ته اتي جي عوام پنهنجين قربانين ۽ مسلسل جدوجهد سان آزادي حاصل ڪندي پاڪستان سان الحاق جو تاريخي فيصلو ڪيو. سينيٽ چيئرمين گلگت بلتستان جي تحريڪ آزادي جي شهيدن، غازين ۽ انهن سمورن محسنن کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن خطي جي آزادي ۽ پاڪستان سان وابستگي لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون. سينيٽ چيئرمين چيو ته گلگت بلتستان جي عوام هر دور ۾ ملڪي ترقي، سلامتي ۽ دفاع م اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پارليامينٽ هميشه کان گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي، معاشي استحڪام ۽ ترقي لاءِ پرعزم رهي آهي ۽ مستقبل ۾ به هر سطح تي سهڪار جاري رکيو ويندو. سينيٽ چيئرمين گلگت بلتستان ۾ تعليم ، صحت ۽ روزگار جي بهتر موقعن جي فراهمي کي رياست جي اولين ترجيحن ۾ شامل قرار ڏيندي چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ملڪ جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليق پاڪستان ۽گلگت بلتستان کي وڌيڪ ترقي، امن ۽ خوشحالي سان نوازي ۽ قومي يڪجهتي ۽ اتحاد جي جذبي کي سدائين قائم رکي.

مزید خبریں