باڪو-31 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان جارجيا سان اقتصادي، تعليمي، ثقافتي ۽ پارلياماني سطح تي تعاون کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ عوامي ۽ پارلياماني رابطن ۾ واڌ ۽ معاشي ۽ واپاري رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب يوسف رضا گيلاني باڪو آذربائيجان ۾ رٿيل …
پاڪستان جارجيا سان اقتصادي، تعليمي، ثقافتي ۽ پارلياماني سطح تي تعاون کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو: يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
باڪو-31 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان جارجيا سان اقتصادي، تعليمي، ثقافتي ۽ پارلياماني سطح تي تعاون کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ عوامي ۽ پارلياماني رابطن ۾ واڌ ۽ معاشي ۽ واپاري رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب يوسف رضا گيلاني باڪو آذربائيجان ۾ رٿيل عالمي پارلياماني ڪانفرنس جي موقعي تي جارجيا جي پارليامينٽ جي نائب اسپيڪر نينو تسلوساني سان ٻه طرفي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ جارجيا وچ ۾ پارلياماني تعاون، واپاري لاڳاپن، تعليمي ۽ ثقافتي رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ حصيداريءَ جي نَون امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي چيو ته پاڪستان جارجيا سان دوستاڻو ۽ تعميري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ٻئي ملڪ امن، ترقي ۽ علائقائي خوشحاليءَ لاءِ گڏيل جذبو رکن ٿا ۽ گڏيل احترام، اعتماد ۽ حصيداريءَ جي بنياد تي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جا خواهشمند آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جارجيا سان اقتصادي، تعليمي، ثقافتي ۽ پارلياماني سطح تي تعاون کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. هن چيو ته پارلياماني سفارتڪاريءَ کي گڏيل تفهيم ۽ تعاون کي هٿي وٺرائڻ جو هڪ مؤثر ذريعو قرار ڏيندي چيو ته پارلياماني دوستي گروپ ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن بهترين پارلياماني تجربن جي مٽاسٽا ٿي سگهي ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل چئلينجز لاءِ هم آهنگ حڪمت عملي اختيار ڪري سگهجي. سينيٽ چيئرمين جارجيا جي اسپيڪر کي هلندڙ مهيني اسلام آباد ۾ ٿيندڙ انٽر- پارليامينٽري اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جيڪا 10 کان 12 نومبر تي سينيٽ آف پاڪستان جي ميزبانيءَ ۾ منعقد ٿي رهي آهي. هن چيو ته هي فورم امن، ترقي ۽ پارلياماني تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪندو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي اڳواڻن به طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي هڪٻئي جي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.











