مهمند ڊيم منصوبي جي تعمير ۾ اهم اڳڀرائي، پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ 25 ملين ڊالر ماليت جي ٻئي قرض واري معاهدي تي صحيحون ٿي ويون

اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ مهمند ڊيم هائيڊرو پاور منصوبي لاءِ قرض جي ٻئي معاهدي تي صحيحون ٿي ويون. اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ معاهدي تي صحيحن جي تقريب ٿي، جنهن ۾ پاڪستان حڪومت ۽ ڪويت فنڊ فار عرب اڪنامڪ ڊولپمينٽ وچ ۾ مهمند ڊيم هائيڊرو پاور منصوبي لاءِ 7.5 ملين ڪويتي دينار (تقريبن 25 ملين آمريڪي ڊالر) جي ماليت جي ٻئي قرض واري …

اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ مهمند ڊيم هائيڊرو پاور منصوبي لاءِ قرض جي ٻئي معاهدي تي صحيحون ٿي ويون. اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ معاهدي تي صحيحن جي تقريب ٿي، جنهن ۾ پاڪستان حڪومت ۽ ڪويت فنڊ فار عرب اڪنامڪ ڊولپمينٽ وچ ۾ مهمند ڊيم هائيڊرو پاور منصوبي لاءِ 7.5 ملين ڪويتي دينار (تقريبن 25 ملين آمريڪي ڊالر) جي ماليت جي ٻئي قرض واري معاهدي تي صحيحون ٿي ويون. پاڪستان حڪومت طرفان اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري محمد حمير ڪريم، جڏهن ته ڪويت طرفان ڊپٽي هيڊ آف مشن، ڪويت سفارتخانو فهد هشام اي ايس الدوسري معاهدي تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت ۽ واپڊا جا سينيئر عملدار شريڪ ٿيا.

مزید خبریں