ايل پي جي، جي گهريلو سلينڊر جي في ڪلو قيمت ۾ 5 رپيا 88 پئسا گهٽتائي

اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) ايل پي جي، جي گهريلو سلينڊر جي في ڪلو قيمت ۾ 5 رپيا 88 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي. آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 69 رپيا 44 پئسا سستو ڪيو ويو، ايل پي جي جي نئين قيمت (اڄ) کان لاڳو هوندي. نوٽيفڪيشن موجب 11.8 ڪلوگرام جي ايل پي جي سلينڊر جي نئين قيمت 2378 …

اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) ايل پي جي، جي گهريلو سلينڊر جي في ڪلو قيمت ۾ 5 رپيا 88 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي. آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 69 رپيا 44 پئسا سستو ڪيو ويو، ايل پي جي جي نئين قيمت (اڄ) کان لاڳو هوندي. نوٽيفڪيشن موجب 11.8 ڪلوگرام جي ايل پي جي سلينڊر جي نئين قيمت 2378 رپيا 89 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. ايل پي جي جي في ڪلو قيمت 5 رپيا 88 پئسا گهٽتائيءَ کانپوءِ 201 رپيا 60 پئسا مقرر ڪئي آهي.

مزید خبریں