2100 سک ياترين کي بابا گرو نانڪ ديوجي جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ويزا جاري

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي ڀارت سان تعلق رکندڙ 2100 سک ياترين کي بابا گرو نانڪ ديوجي جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ويزا جاري ڪيا آهن. پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي موجب اهي تقريبون 4 کان 13 نومبر تائين پاڪستان ۾ منعقد ٿينديون. دوري دوران سک ياتري ٻين ماڳن کانسواءِ گوردواره ننڪانه صاحب، گوردواره پنجه صاحب ۽ گوردواره ڪرتار پور …

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي ڀارت سان تعلق رکندڙ 2100 سک ياترين کي بابا گرو نانڪ ديوجي جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ويزا جاري ڪيا آهن. پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي موجب اهي تقريبون 4 کان 13 نومبر تائين پاڪستان ۾ منعقد ٿينديون. دوري دوران سک ياتري ٻين ماڳن کانسواءِ گوردواره ننڪانه صاحب، گوردواره پنجه صاحب ۽ گوردواره ڪرتار پور صاحب به ويندا. ان موقعي تي ناظم الامور سعد احمد وڙائچ سک ياترين کي دلي مبارڪون ڏنيون ۽ سندن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت بين المذاهب ۽ بين الثقافتي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. مقدس ماڳن جي دورن ۾ سهولت فراهم ڪندا رهنداسين. ويزائون مذهبي ماڳن جي دورن بابت 1974ع جي ٻه طرفي فريم ورڪ تحت جاري ڪيون ويون آهن.