پشاور- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اربع ڏينهن مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر عباد الله خان ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ پيپلزپارٽي جي صوبائي صدر محمد علي شاهه باچا، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر جلال خان، پيپلزپارٽي جي ڊاڪٽر نثار ۽ تاج آفريدي موجود هئا. ملاقات ۾ خيبر پختوانخوا اسيمبلي ۾ سينيٽ جي خالي سيٽ تي چونڊ بابت تفصيلي …
ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر عباد الله خان جي ملاقات
پشاور- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اربع ڏينهن مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر عباد الله خان ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ پيپلزپارٽي جي صوبائي صدر محمد علي شاهه باچا، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر جلال خان، پيپلزپارٽي جي ڊاڪٽر نثار ۽ تاج آفريدي موجود هئا. ملاقات ۾ خيبر پختوانخوا اسيمبلي ۾ سينيٽ جي خالي سيٽ تي چونڊ بابت تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ان موقعي تي سينيٽ چونڊ لاءِ مخالف ڌر طرفان تاج آفريدي کي گڏيل طور تي اميدوار نامزد ڪيو ويو ۽ مخالف ڌر طرفان تاج آفريدي کي مڪمل سپورٽ ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو.











