اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ،قانوني سڌارن، انساني حقن جي تحفظ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير نئين مقرر ٿيل هاءِ …
قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات
اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ،قانوني سڌارن، انساني حقن جي تحفظ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير نئين مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ پراڻا لاڳاپا اعتماد ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، جن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر ان موقعي تي ٻڌايو ته ڪينيڊين ڪمپنيون پاڪستان ۾ مختلف شعبن، خاص ڪري معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿيون. هن چيو ته ڪينيڊا مستقبل ۾ پاڪستان سان حصيداري جا نوان موقعا ڳولڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن هاءِ ڪمشنر کي قانون واري وزارت تحت شروع ڪيل ڪيس مينيجمينٽ سسٽم بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ان نظام کي صوبائي سطح تي به متعارف ڪرايو پيو وڃي ته جيئن عدالتي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻي سگهجي. ملاقات ۾ آئنده ڪينيڊا ۾ منعقد ٿيندڙ مائننگ ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.











