طالبان حڪومت صرف پنهنجي قابض حڪمراني ۽ جنگي معيشت کي بچائڻ لاءِ افغانستان کي هڪ ٻي تڪرار ۾ ڌڪي رهي آهي: دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته طالبان رجيم صرف پنهنجي قابض حڪمراني ۽ جنگي معيشت کي بچائڻ لاءِ افغانستان کي هڪ ٻي تڪرار ۾ ڌڪي رهي آهي، پاڪستان پنهنجي سرزمين تي ڪنهن به دهشتگرداڻي يا خودڪش حملي کي برداشت نه ڪندو ۽ ڪنهن به مهم جوئي جو جواب سخت هوندو. استنبول ڳالهيون بنا نتيجي ختم …

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته طالبان رجيم صرف پنهنجي قابض حڪمراني ۽ جنگي معيشت کي بچائڻ لاءِ افغانستان کي هڪ ٻي تڪرار ۾ ڌڪي رهي آهي، پاڪستان پنهنجي سرزمين تي ڪنهن به دهشتگرداڻي يا خودڪش حملي کي برداشت نه ڪندو ۽ ڪنهن به مهم جوئي جو جواب سخت هوندو. استنبول ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿيڻ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته افغان طالبان رجيم مسلسل برادر ملڪن سان ڳالهين لاءِ درخواست ڪري رهي هئي، برادر ملڪن جي درخواست تي پاڪستان افغان طالبان رجيم سان امن خاطر ڳالهين جي آڇ کي قبول ڪيو. دفاع واري وفاقي وزير چيو ته ڪجهه افغان عملدارن جا زهريلا بيان ظاهر ڪن ٿا ته طالبان رجيم ۾ انتشار ۽ دوکو موجود آهي، پاڪستان اهو واضح ڪري ٿو ته طالبان رجيم کي ختم ڪرڻ يا کين غارن ۾ لڪڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي پنهنجي پوري طاقت استعمال ڪرڻ جي ضروت ناهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسان کين تورا بورا جهڙن هنڌن تي شڪست ڏئي ماڻهن لاءِ مثال بڻائي سگهون ٿا جيڪو سڄي دنيا لاءِ دلچسپ منظر هوندو. هن چيو ته افسوس ٿئي ٿو ته طالبان رجيم صرف پنهنجي قابض حڪمراني ۽ جنگي معيشت کي بچائڻ لاءِ افغانستان کي هڪ ٻي تڪرار ۾ ڌڪي رهي آهي، پنهنجي ڪمزوري ۽ جنگي دعوت جي حقيقت ڄاڻيندي جنگ جو طبل وڄائي ظاهري طور افغان عوام ۾ پنهنجي بگڙيل ساک کي بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن افغان طالبان پوءِ به ٻيهر افغانستان ۽ ان جي معصوم عوام کي تباهه ڪرڻ تي ضد ڪري ويٺل آهن ته پوءِ جيڪو ٿيڻو آهي اهو ٿئي. هن چيو ته جيستائين گريويارڊ آَف ايمپائر جي بياني جو تعلق آهي، پاڪستان پاڻ کي هرگز ايمپائر نٿو چوي، حقيقت اها آهي ته افغانستان طالبان جي ڪري پنهنجي ئي ماڻهن لاءِ هڪ قبرستان کان گهٽ ناهي، تاريخي اعتبار کان افغانستان سلطنتن جو قبرستان ته ناهي رهيو پر هميشه وڏين طاقتن جي راند جو ميدان ضرور رهيو آهي. دفاع واري وزير چيو ته طالبان جا اهي ويڙهاڪ جيڪي خطي ۾ بدامني پکيڙڻ ۾ پنهنجو ذاتي فائدو ڏسي رهيا آهن سمجهي وٺن ته هنن شايد پاڪستاني عزم ۽ حوصلي کي غلط انداز ۾ ورتو آهي، جيڪڏهن طالبان رجيم وڙهڻ جي ڪوشش ڪندي ته دنيا ڏسندي ته انهن جون ڌمڪيون صرف ڏيکاءُ هيون. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تي ڪنهن به دهشتگرداڻي يا خودڪش حملن کي برداشت نه ڪندو ۽ ڪنهن به مهم جوئي جو جواب سخت هوندو، طالبان رجيم کي گهرجي ته پنهنجي انجام جو حساب ضرور ڏسي ، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي عزم ۽ صلاحيتن کي آزمائڻ سندن لاءِ مهانگو ثابت ٿيندو.