اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارتي پروپيگنڊا مشينري پنهنجي پراڪسي فتنه الخوارج جي حمايت ۾ ظاهري طور سامهون اچي وئي آهي، ڀارتي ۽ افغان سوشل ميڊيا اڪائونٽس خطي ۾ عدم استحڪام لاءِ دهشتگردن جي زهريلي بياني کي هٿي ڏيڻ ۾ مصروف آهن. تفصيل موجب پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز خلاف ڀارتي ۽ افغان اڪائونٽس طرفان ڪوڙ پکيڙڻ جي ناپاڪ سازش ظاهر ٿي وئي آهي، هندستاني پروپيگنڊا اڪائونٽس فتنه الخوارج …
ڀارتي پروپيگنڊا مشينري پنهنجي پراڪسي فتنه الخوارج جي حمايت ۾ واضح طور سامهون اچي وئي
اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارتي پروپيگنڊا مشينري پنهنجي پراڪسي فتنه الخوارج جي حمايت ۾ ظاهري طور سامهون اچي وئي آهي، ڀارتي ۽ افغان سوشل ميڊيا اڪائونٽس خطي ۾ عدم استحڪام لاءِ دهشتگردن جي زهريلي بياني کي هٿي ڏيڻ ۾ مصروف آهن. تفصيل موجب پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز خلاف ڀارتي ۽ افغان اڪائونٽس طرفان ڪوڙ پکيڙڻ جي ناپاڪ سازش ظاهر ٿي وئي آهي، هندستاني پروپيگنڊا اڪائونٽس فتنه الخوارج ٽي ٽي پي جي ميڊيا ونگ ”اوسينٽ ٽي وي“ جو حوالو ڏيندي ڪوڙي دعويٰ ڪئي آهي. هندستاني پروپيگنڊا اڪائونٽس ڪوڙي دعويٰ ڪئي ته پاڪ فوج جي ڪجهه فوجين طالبان ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي، ڪوڙي دعويٰ جي ابتڙ پاڪستاني فوجين طرفان اهڙو ڪو واقعو پيش ناهي آيو ۽ نه ئي ڪٿي رپورٽ ٿيو. فتنه الخوارج جي سپورٽ ۾ هندستاني پروپيگنڊا اڪائونٽس جي دعويٰ هٿ ٺوڪي ۽ جامع ڊس انفارميشن مهم جو حصو آهي. پاڪستان خلاف ڀارتي ۽ افغان اڪائونٽس سان ڳنڍيل پروپيگنڊا نيٽ ورڪس منظم مهم هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀارتي پروپيگنڊا مشينري تخريبڪار مودي جي چوڻ تي پاڪستان خلاف نفرت انگيز مهم هلائڻ ۾ مصروف آهي.











