عوامي نيشنل پارٽي پاران استنبول ڳالهيون بنا نتيجا ختم ٿيڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار

پشاور- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) استنبول ڳالهين جي بنا نتيجي ختم ٿيڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي ترجمان انجنيئر احسان الله خان طرفان جاري بيان موجب اي اين پي ڪابل عملدارن کان مطالبو ڪري ٿي ته هو عسڪري طرز فڪر مان نڪري ذميواراڻي طرز حڪمراني اختيار ڪن ۽ عالمي سفارتي اصولن ۽ ضابطن جي پاسداري ڪن. …

پشاور- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) استنبول ڳالهين جي بنا نتيجي ختم ٿيڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي ترجمان انجنيئر احسان الله خان طرفان جاري بيان موجب اي اين پي ڪابل عملدارن کان مطالبو ڪري ٿي ته هو عسڪري طرز فڪر مان نڪري ذميواراڻي طرز حڪمراني اختيار ڪن ۽ عالمي سفارتي اصولن ۽ ضابطن جي پاسداري ڪن. اها تبديلي افغانستان جي داخلي استحڪام ۽ عالمي ساک لاءِ اڻٽر آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پارٽي ان ڳالهه تي به زور ڀري ٿي ته پاڪستان مخالف عسڪري گروهن جي سرپرستي هڪ نقصان ڏيندڙ حڪمت عملي آهي جيڪا خطي جي امن ۽ گڏيل سلامتي جي مفادن کي ڪمزور ڪري ٿي. خطي ۾ ڊگهي استحڪام لاءِ گڏيل تعاون تي ٻڌل حڪمت عملي وقت جي اهم ضرورت آهي.