وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو

اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رياض جي نائب گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. دوري دوران وزيراعظم جي سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن …

اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رياض جي نائب گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. دوري دوران وزيراعظم جي سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي فريم ورڪ جي شروعات ڪئي وئي. اهو فريم ورڪ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي. بيان موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ موجود پراڻي لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي حوالي سان اقتصادي تعاون فريم ورڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. فريم ورڪ تحت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي، صنعت، کاڻين جي کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سياحت، زراعت ۽ غذائي تحفظ جي شعبن ۾ تعاون جي مضبوطي، نجي شعبي جي ڪردار کي وڌائڻ ۽ واپاري مٽاسٽا جي فروغ جي لاءِ ڪم ٿيندو. دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جاري ڪيترن ئي منصوبن بشمول پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ بجلي جي پهچ جي منصوبي ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون پڻ شامل هيون. وزيراعظم رياض ۾ منعقد فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايتو جي نائين ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ”ڇا انسانيت صحيح رخ طرف گامزن آهي؟“ جي موضوع تي گول ميز مباحثي ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ انساني ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ عالمي حصيداري جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي ترقي جي ويزن ۽ دنيا ۾ ترقي جي قدمن جي لاءِ سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن ۽ ٻوڏ جي تباهين تي روشني وجهندي گلوبل نارٿ جي گلوبل سائوٿ سان حصيداري تي زور ڏنو. وزيراعظم پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ حڪومت جي پاڪستاني عوام خاص طور تي نوجوان افرادي قوت جي ترقي، مصنوعي ذهانت جي فروغ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي جي قدمن تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم جي دوري دوران عالمي اقتصادي فورم جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو بورجي برينڊي سان پڻ ملاقات ٿي.