پاڪستان پاران غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج جي نئين حملن جي شديد مذمت

اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج جي نئين حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ عام شهري شهيد ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته اهي ڪارروايون عالمي قانون جي واضح خلاف ورزي سان گڏوگڏ تازو ئي طئي ٿيندڙ امن معاهدي جي پڻ خلاف ورزي آهن. بيان موجب اسرائيلي قابض فوج جي اهڙي طرح جي جارحاڻي …

اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج جي نئين حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ عام شهري شهيد ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته اهي ڪارروايون عالمي قانون جي واضح خلاف ورزي سان گڏوگڏ تازو ئي طئي ٿيندڙ امن معاهدي جي پڻ خلاف ورزي آهن. بيان موجب اسرائيلي قابض فوج جي اهڙي طرح جي جارحاڻي قدمن سان خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي عالمي ڪوششن کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي. بيان ۾ پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيلي قابض فوج پاران جنگبندي جي خلاف ورزين کي فوري بند ڪرڻ کي يقيني بڻائي. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل آزاد، خودمختيار، قابل عمل ۽ لاڳاپيل رياست فلسطين قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪري ٿو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.