اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ترڪيه جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ترڪيه جي قوم ۽ صدر رجب طيب اردوان کي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته هي ڏينهن ترڪيه جي آزادي، خودمختياري، استقامت ۽ قربانين جي ياد ڏياري ٿو. مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي ويزن سان شروع ٿيل سفر اڄ صدر رجب طيب اردوان جي مدبراڻي قيادت ۾ نئين بلندين …
صدر رجب طيب اردوان جي مدبراڻي قيادت ترڪيه کي خوشحالي جي منزل سان همڪنار ڪيو آهي: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي
اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ترڪيه جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ترڪيه جي قوم ۽ صدر رجب طيب اردوان کي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته هي ڏينهن ترڪيه جي آزادي، خودمختياري، استقامت ۽ قربانين جي ياد ڏياري ٿو. مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي ويزن سان شروع ٿيل سفر اڄ صدر رجب طيب اردوان جي مدبراڻي قيادت ۾ نئين بلندين تي پهچي چڪو آهي. پنهنجي پيغام ۾ محسن نقوي چيو ته صدر رجب طيب اردوان جي اعليٰ قيادت ترڪيه کي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل سان همڪنار ڪيو آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام جي دل ڪنهن جاگرافيائي حد جي پابند ناهي. هن چيو ته هر مشڪل وقت ۾ ترڪيه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، پوءِ اهو زلزلو هجي، ٻوڏ هجي يا جنگ، ترڪيه هميشه پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي ترڪيه جو اصولي ۽ واضح موقف اڄ به پاڪستاني عوام جي دلين ۾ زنده آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هاڻي اقتصادي، دفاعي ۽ ثقافتي سهڪار جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. پاڪستان جو عوام ترڪيه جي ترقي ۽ صدر اردوان جي قيادت تي فخر محسوس ڪري ٿو. هن چيو ته قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪ – ترڪيه دوستي جي عزم کي نئين جوش ۽ جذبي سان ورجايون ٿا. ٻه دليون، هڪ جذبو، هڪ منزل امن، ترقي ۽ ڀائيچارو آهي.











