چين جو نئون منصوبو جدت ۽ اعليٰ معيار جي ترقي لاءِ اهم رستو آهي: پاڪستان

بيجنگ- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چين جي نئين 15 هين پنج سالن جي منصوبي ۾ اعليٰ معيار ۽ جديد ترقي جي ويزن کي ساراهيو آهي. چين بابت پاڪستان جي سفير خليل هاشمي چين جي نئين 15 هين پنج سالن جي منصوبي ۾ اعليٰ معيار ۽ جدت تي ٻڌل ترقي جي ويزن کي ساراهيو، ۽ ان کي سائنسي ترقي لاءِ اهم رستو قرار ڏنو. چائنا اڪنامڪ نيٽ سان ڳالهائيندي …

بيجنگ- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چين جي نئين 15 هين پنج سالن جي منصوبي ۾ اعليٰ معيار ۽ جديد ترقي جي ويزن کي ساراهيو آهي. چين بابت پاڪستان جي سفير خليل هاشمي چين جي نئين 15 هين پنج سالن جي منصوبي ۾ اعليٰ معيار ۽ جدت تي ٻڌل ترقي جي ويزن کي ساراهيو، ۽ ان کي سائنسي ترقي لاءِ اهم رستو قرار ڏنو. چائنا اڪنامڪ نيٽ سان ڳالهائيندي هن چيو ته نئين منصوبي لاءِ پيش ڪيل سفارشون جدت، ويليو ايڊيشن ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جو واضح رخ ظاهر ڪن ٿيون. هن چيو ته 15 هين پنج سالن جي منصوبي ۾ موجود اهم هدف اعليٰ معيار جي ترقي، جدت ۽ سائنس ۽ فني جديد ڪاري تي ٻڌل ويليو ايڊيشن ترقي آهن. سفير چيو ته منصوبو اقتصادي ۽ دفاعي شعبن ۾ جامع ترقي جو تصور پيش ڪري ٿو ۽ هر شعبي ۾ جدت ۽ اعليٰ معيار جي ترقي کي مرڪز ۾ رکي ٿو. هن ٻڌايو ته منصوبي جي باضابطا منظوري مارچ ۾ متوقع آهي، پر هي هڪ دستاويز آهي جيڪو ايندڙ پنجن سالن جو منصوبو جوڙي ٿو. هن چيو ته اسان ان حوالي سان چيني حڪومت سان نيڪ خواهشون رکون ٿا. 15 هين پنجن سالن جي منصوبي جو مقصد 2030ع تائين چين جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي مان رهنمائي وٺڻ آهي، جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ، سبز تبديلي ۽ علائقائي توازن تي زور ڀريو ويو آهي.