گهرو وزير محسن نقوي جي ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري ۽ پنهنجي ايران جي هم منصب سان ڌار ڌار ملاقاتون

تهران- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي اردشير لاريجاني ۽ ايران جي هم منصب سڪندر مومني سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي آفيس آمد تي سيڪريٽري علي اردشير لاريجاني، گهرو وزير محسن نقوي جي شاندار آجيان ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ - ايران لاڳاپن، سيڪيورٽي سهڪار، دهشتگردي جي روڪٿام ۽ بارڊر مئنيجمينٽ جي حوالي …

تهران- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي اردشير لاريجاني ۽ ايران جي هم منصب سڪندر مومني سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي آفيس آمد تي سيڪريٽري علي اردشير لاريجاني، گهرو وزير محسن نقوي جي شاندار آجيان ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ – ايران لاڳاپن، سيڪيورٽي سهڪار، دهشتگردي جي روڪٿام ۽ بارڊر مئنيجمينٽ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ڌرين ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ گڏيل رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته پاڪستان ايران سان سيڪيورٽي ۽ منشيات جي روڪٿام جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ چاهي ٿو. ايراني سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي ارد شير لاريجاني چيو ته ٻه طرفن لاڳاپن ۾ هاڪاري اڳڀرائي سٺو سنوڻ آهي. بعد ۾ گهرو وزير محسن نقوي ايراني هم منصب سڪندر مومني سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ اندروني سلامتي جي معاملن ۽ منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان گڏيل سهڪار تي ڳالهيون ٿيون. محسن نقوي، اي سي او وزارتي ڪانفرنس جي ڪامياب نموني منعقد ٿيڻ تي ايراني گهرو وزير کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته اها ڪانفرنس ميمبر ملڪن لاءِ ڏور رس نتيجا رکندڙ ثابت ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان داخلي سلامتي جي معاملن ۾ ايران جي تجربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. محسن نقوي، ايراني هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جنهن تي سڪندر مومني چيو ته مان جلد پنهنجي ڀاءُ سان ملڻ لاءِ اسلام آباد ايندس. ايراني گهرو وزير اي سي او وزارتي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي پاڪستاني هم منصب جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي گهرو معاملن وارو وفاقي سيڪريٽري خرم آغا، ايران ۾ پاڪستان جو سفير محمد مدثر ٽيپو، ايراني گهرو وزارت جا اعليٰ عملدار ۽ سفارتي آفيسر به موجود هئا.