پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپا تاريخي ۽ مثالي آهن: سردار اياز صادق

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپا تاريخي ۽ مثالي آهن. جاري ڪيل بيان ۾ سردار اياز صادق ترڪيه جي يوم جمهوريه جي موقعي تي حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪون ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ “رشتو محبت ۽ اعتماد تي قائم آهي. هن چيو ته پاڪستان ترڪيه سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ …

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپا تاريخي ۽ مثالي آهن. جاري ڪيل بيان ۾ سردار اياز صادق ترڪيه جي يوم جمهوريه جي موقعي تي حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪون ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ “رشتو محبت ۽ اعتماد تي قائم آهي. هن چيو ته پاڪستان ترڪيه سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ترڪيه جي ترقي ۽ خوشحالي اسان لاءِ خوشي جوڳي آهي. ترڪيه جي قيادت کي شاندار ترقي تي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. ترڪيه هر آزمائش ۾ پاڪستان جو اعتماد جوڳو دوست آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني سهڪار وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي.