وزير اعظم محمد شهباز شريف پاران ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي عوام کي ترڪيه جي يوم جمهوريه تي مبارڪباد

اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي عوام کي ترڪيه جي يوم جمهوريه تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهن. ترڪي جي 102هين جمهوريه جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو هِن خوشي جي موقعي تي پنهنجي پياري ڀاءُ …

اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي عوام کي ترڪيه جي يوم جمهوريه تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهن. ترڪي جي 102هين جمهوريه جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو هِن خوشي جي موقعي تي پنهنجي پياري ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان ۽ تُرڪيه جي عوام کي پنهنجي ۽ پاڪستاني عوام طرفان مبارڪباد پيش ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته گُذريل ڏهاڪن دوران صدر اردوان جي جرئتمنداڻي ۽ متحرڪ قيادت ۾ ترڪي جي شاندار تبديليءَ ۽ معاشي بحالي کي عالمي سطح تي مڃتا ملي آهي. وزيراعظم چيو ته ترڪ ڀائرن جي ڪاميابين ۽ ڪارنامن تي فخر آهي ۽ ترقي جي هِن سفر ۾ اسان انهن جا ثابت قدم ساٿي آهيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا لاڳاپا، جغرافيائي ۽ وقت کان مٿانهان، گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ٻڌي جي بنياد تي قائم آھن. وزيراعظم چيو ته صدر اردوان جي جرئتمنداڻي ۽ متحرڪ قيادت ۾ اسان جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهن. ڇوته اسان گڏيل مفادن جي سڀني شعبن وقت جي هر آزمائش مان گذرندي پائيدار لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪوششُون ڪري رهيا آهيون.