اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سنڌ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر ڪامران رضي، نائب صدر حميد سومرو، جنرل سيڪريٽري اڪرم بلوچ سميت ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ پريس جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي. اربع ڏينهن پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته آزاد، ذميوار ۽ …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سنڌ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي مُبارڪُون
اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سنڌ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر ڪامران رضي، نائب صدر حميد سومرو، جنرل سيڪريٽري اڪرم بلوچ سميت ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ پريس جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي. اربع ڏينهن پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته آزاد، ذميوار ۽ حقيقت تي ٻڌل صحافت ڪنهن به سماج جي ترقي ۽ استحڪام جو بنياد آهي. هن چيو ته صحافي برادري جمهوري قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سنڌ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نئين قيادت پنهنجا پيشيوراڻا فرض ايمانداري، ذميواري ۽ غير جانبداري سان ادا ڪندي رهندي. وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت صحافتي ادارن سان ويجهن لاڳاپن ذريعي ذميوار ۽ مثبت صحافت جي فروغ لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندي.











