باڪو/ اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني آذربائيجان جي آئين جي منظوري جي 30 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد عالمي پارلياماني ڪانفرنس جي موقعي تي آذربائيجان جي قومي اسيمبلي (ملي مجلس) جي اسپيڪر صاحبا غفاروا سان باضابطه ٻه طرفي ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين، آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ پراڻن، ڀائراڻن ۽ …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بين الپارلياماني ڪانفرنس جي موقعي تي آذربائيجان جي اسپيڪر سان ملاقات
باڪو/ اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني آذربائيجان جي آئين جي منظوري جي 30 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد عالمي پارلياماني ڪانفرنس جي موقعي تي آذربائيجان جي قومي اسيمبلي (ملي مجلس) جي اسپيڪر صاحبا غفاروا سان باضابطه ٻه طرفي ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين، آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ پراڻن، ڀائراڻن ۽ اعتماد تي ٻڌل لاڳاپن کي ساراهيو. هن چيو ته امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي جدوجهد صرف انفرادي رياستن جو هدف ناهي پر پاڪستان ۽ آذربائيجان جو گڏيل مشن آهي ۽ ٻئي ملڪ گڏيل مذهبي، تاريخي ۽ ثقافتي هڪجهڙائپ جي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن. هن اسپيڪر صاحبا غفاروا سان ٻيهر ملاقات تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ ٻيهر باڪو اچڻ خوشي جو سبب آهي. هن اسلام آباد ۾ تازو ئي منعقد ٿيل پاڪستان، آذربائيجان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٽه ڌري پارلياماني ڪانفرنس کي علائقائي پارلياماني سهڪار ۾ هڪ سنگ ميل قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جا لاڳاپا صرف سفارتي نه پر صدين تي ٻڌل تهذيبي، ثقافتي ۽ تاريخي رابطن تي ٻڌل آهن. هن باڪو ۾ تاريخي ”ملتان ڪاروان سراءِ“ جو حوالو ڏيندي چيو ته هي 14 هين صديءَ جي يادگار ان واپاري رابطن جي علامت آهي جيڪي ننڍي کنڊ جي شهر ملتان سان تعلق رکندڙ واپارين کي آذربائيجان سان ڳنڍين پيا. هن چيو ته سندس ابن ڏاڏن جو تعلق به ملتان سان آهي جنهن سان انهن لاڳاپن ۾ ذاتي وابستگي جو رنگ به شامل آهن. هن، اسپيڪر صاحبا غفاروا کي ملتان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. پنهنجي وزيراعظم طور اقتدار جي دور جي ياد تازي ڪندي سيد يوسف رضا گيلاني ٻڌايو ته سال 2012ع ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم، ڊيووس جي موقعي تي هن صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ زرعي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته اُن وقت طئي ٿيل قدم اڄ به ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا آهن. سينيٽ چيئرمين، آذربائيجان کي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ تي مبارڪ پيش ڪندي چيو ته آرمينيا سان تازا مفاهمتي قدم خطي ۾ ترقي ۽ امن جون نئيون راهون کوليندا. هن آذربائيجان جي قيادت کي اسلام آباد ۾ 10 کان 12 نومبر 2025ع تائين ٿيندڙ ”انٽر پارليامينٽري اسپيڪرز ڪانفرنس“ ۾ شرڪت جي باضابطا دعوت ڏني. هن چيو ته اها ڪانفرنس علائقائي امن، سلامتي ۽ ترقي تي جامع بحث لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪندي ۽ بين الپارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. هن آذربائيجان سان پاڪستان جي گهڻ رخي پليٽ فارمز جيئن ”ايشيائي پارلياماني اسيمبلي“ ، ”انٽر پارليامينٽري يونين“ ۽ ”نان الئنڊ موومنٽ پارلياماني نيٽ ورڪ“ ۾ فعال شرڪت جو به ذڪر ڪيو. هن آذربائيجان کي اين اي ايم جي پارلياماني ڍانچي ۾ ٻيهر ڳڻپ تي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته ان تسلسل سان تنظيمي استحڪام ۽ ميمبر ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. آذربائيجان جي اسپيڪر صاحفا غفاروا، سينيٽ چيئرمين جي شاندار آجيان ڪئي ۽ چيو ته هڪ مهيني دوران ٻنهي اڳواڻن جي هيءَ ٻئي ملاقات ٻه طرفن لاڳاپن جي مضبوطي جي علامت آهي. هن پاڪستان جي دوري دوران فراهم ڪيل ميزباني تي ٿورو مڃيو ۽ سينيٽ چيئرمين جو ”سال آئين ۽ رياست“ جي تقريبن ۾ شرڪت تي ٿورو مڃيو جيڪو صدر الهام عليوف ڪاراباخ ريجن تي مڪمل خودمختياري کانپوءِ ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. اسپيڪر غفاروا آرمينيا سان جاري امن ۽ ترقياتي قدمن بابت يوسف رضا گيلاني کي آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل رابطن، پارلياماني وفدن جي مٽا سٽا ۽ گڏيل ترقياتي ۽ عوامي منصوبن ذريعي سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











