وفاقي گهرو وزير محسن نقوي او آءِ سي گهرو وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ تهران پهچي ويو

تهران/اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي او آءِ سي گهرو وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ هڪ ڏينهن جي دوري تي تهران پهچي ويو. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق تهران ايئرپورٽ پهچڻ تي گهرو وزير محسن نقوي جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ايراني گهرو وزارت جي ڊپٽي وزير علي زينوند، ايران ۾ پاڪستاني سفير محمد مدثر ٽيپو ۽ اعليٰ عملدارن گهرو وزير محسن نقوي …

تهران/اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي او آءِ سي گهرو وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ هڪ ڏينهن جي دوري تي تهران پهچي ويو. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق تهران ايئرپورٽ پهچڻ تي گهرو وزير محسن نقوي جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ايراني گهرو وزارت جي ڊپٽي وزير علي زينوند، ايران ۾ پاڪستاني سفير محمد مدثر ٽيپو ۽ اعليٰ عملدارن گهرو وزير محسن نقوي جي آجيان ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي تهران ۾ ايران جي اعليٰ عملدارن سان اهم ملاقاتون ڪندو.