خوراڪ تائين آسان پهچ هر انسان جو بنيادي حق آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته خوراڪ تائين آسان پهچ هر انسان جو بنيادي حق آهي، زرعي طور پاڻڀرو ٿيڻ ئي مضبوط معيشت جو بنياد آهي، غذائي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ عوام، حڪومت ۽ پارليامينٽ کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. 16 آڪٽوبر تي خوراڪ واري عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته خوراڪ جو عالمي ڏهاڙي …

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته خوراڪ تائين آسان پهچ هر انسان جو بنيادي حق آهي، زرعي طور پاڻڀرو ٿيڻ ئي مضبوط معيشت جو بنياد آهي، غذائي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ عوام، حڪومت ۽ پارليامينٽ کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. 16 آڪٽوبر تي خوراڪ واري عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته خوراڪ جو عالمي ڏهاڙي جو هن سال جو موضوع ”بهتر خوراڪ ۽ بهتر مستقبل لاءِ هٿن ۾ هٿ “ هڪ سٺو پيغام آهي، خوراڪ جي کوٽ هڪ عالمي چئلينج آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قدم ضروري آهن، پائيدار زرعي پاليسين کانسواءِ غذائي طور پاڻڀرو ٿيڻ ممڪن ناهي، غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ حڪومت، پارليامينٽ ۽ عوام کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته غذائي خودمختياري مضبوط معيشت جو بنياد آهي، آبادگارن کي زراعت جا جديد طريقا اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته غذائي وسيلن جي موثر استعمال سان غربت ۽ بک ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، غذائي جنسن جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ آبادگارن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي،خوراڪ جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لاءِ کاڌي پيتي جي شين جي نقصان کي روڪڻ ضروري آهي. موسمياتي تبديليون زرعي پيداوار تي اثر انداز ٿي رهيون آهن، انهن جي ازالي لاءِ فوري قدم ضروري آهن، حڪومت موسمياتي لحاظ کان مناسب پوکي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، آبپاشي جي جديد طريقن کي استعمال ۾ آڻيندي بنجر زمينن کي آباد ڪيو وڃي، پارليامينٽ غذائي تحفظ بابت قانونسازي لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں