اسلام آباد-16 آڪٽوبر(اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن به زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي جنهن جي نتيجي ۾ 100 انڊيڪس 828 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 66 هزار 514 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. ڪاروبار جي شروعات سان ئي سيڙپڪارن طرفان ڀرپور دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي جنهن سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ خريداري جي رجحان ۾ اضافو ٿيو، بئنڪنگ، توانائي، سيمينٽ ۽ ٽيڪنالاجي سيڪٽر ۾ نمايان …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 100 انڊيڪس 828 پوائنٽس جي واڌ سان هڪ لک 66 هزار 514 پوائنٽس تي پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-16 آڪٽوبر(اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن به زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي جنهن جي نتيجي ۾ 100 انڊيڪس 828 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 66 هزار 514 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. ڪاروبار جي شروعات سان ئي سيڙپڪارن طرفان ڀرپور دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي جنهن سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ خريداري جي رجحان ۾ اضافو ٿيو، بئنڪنگ، توانائي، سيمينٽ ۽ ٽيڪنالاجي سيڪٽر ۾ نمايان تيزي رڪارڊ ٿي. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 210 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 65 هزار 686 پوائنٽس تي بند ٿيو هو. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن معاشي پاليسين ۾ تسلسل برقرار رهيو ته حڪومتي قدم سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪندا رهيا ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ به مارڪيٽ ۾ بهتري جو امڪان آهي.











