اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر پاڪستان جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحت جي عالمي اداري جي تازه ترين عالمي تماڪ وبا رپورٽ هڪ واضح ۽ فوري پيغام ڏي ٿي ته تماڪ هن وقت به ماڻهن جون حياتيون کسي رهيو آهي، اسان کي ان نقصان کان بچڻ جي لاءِ تماڪ جي تشهير، اشتهار ۽ سرپرستي (ٽي اي پي ايس) تي مڪمل پابندي سميت تصويري صحت …
صحت جي عالمي اداري جي تازه ترين عالمي تماڪ وبا رپورٽ هڪ واضح ۽ فوري پيغام ڏي ٿي ته تماڪ هن وقت به ماڻهن جون حياتيون کسي رهيو آهي: مرتضيٰ سولنگي

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر پاڪستان جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحت جي عالمي اداري جي تازه ترين عالمي تماڪ وبا رپورٽ هڪ واضح ۽ فوري پيغام ڏي ٿي ته تماڪ هن وقت به ماڻهن جون حياتيون کسي رهيو آهي، اسان کي ان نقصان کان بچڻ جي لاءِ تماڪ جي تشهير، اشتهار ۽ سرپرستي (ٽي اي پي ايس) تي مڪمل پابندي سميت تصويري صحت تنبيهن (جي ايڇ ڊبليوز) جي سائيز ۾ اضافي جهڙا جرئتمند قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي، سڄي دنيا ۾ تماڪ هر سال 80 لک کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون کسي وٺي ٿو جيڪي ايڇ آءِ وي، ٽي بي ۽ مليريا سان ٿيندڙ مجموعي فوتگين کان به وڌيڪ آهن. تماڪ جي استعمال جا اثر رڳو صحت تائين محدود نه آهن پر معيشت تي بار، پيداواري صلاحيت ۾ گهٽتائي ۽ خاندانن تي جذباتي ۽ مالي دٻاءُ جو سبب بڻجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوسائٽي فار دي پروٽيڪشن آف رائٽس آف دي چائلڊ (اسپارڪ) جي ٻن ڏينهن واري مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو عنوان ”صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي عالمي تماڪ وبا رپورٽ 2025ع ۽ تماڪ جي تشهير، اشتهار ۽ سرپرستي (ٽي اي پي ايس) ۽ تصويري صحت تنبيهن (جي ايڇ ڊبليوز) تي بهترين عالمي طريقيڪار“ هو. اجلاس جو مقصد پاڪستان ۾ تماڪ استعمال جي ڪنٽرول جي حوالي سان ڊبليو ايڇ او فريم ورڪ ڪنوينشن آن ٽوبيڪو ڪنٽرول (ايف سي ٽي سي) ۽ ان جي MPOWER جزن جي لاڳو ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ هو. تقريب جي خاص مهمان صدر پاڪستان جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ هو ته پاڪستان هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾ ورتل آهي، جتي اٽڪل 2 ڪروڙ 70 لک تماڪ استعمال ڪندڙ ماڻهو آهن ۽ هر سال 1 لک 66 هزار کان وڌيڪ فوتگيون تماڪ سان لاڳاپيل بيمارين جي ڪري ٿين ٿيون. هن ڏکڻ ايشيا ۾ تماڪ جي استعمال ۾ 70 سيڪڙو کان 37 سيڪڙو گهٽتائي کي خوش آئنده اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان به مستقل عوامي آگاهي، مضبوط تعليمي مهمن ۽ عالمي بهترين طريقيڪار اختيار ڪرڻ سان اها ئي ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. تقريب ۾ ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ڊاڪٽر نثار احمد چيما چيو ته ڳڻتي جوڳي انگن اکرن کان هٽي ڪري اصل خطرو نوجوانن ۾ تماڪ مصنوعات جي وڌندڙ ڪشش آهي، نوجوانن کي اڪثر اڻ سڌي طرح تشهيري طريقن جهڙوڪ دلڪش پيڪنگ، تقريبن جي سرپرستي ۽ آن لائين مواد جي ذريعي متاثر ڪيو وڃي ٿو جنهن سان تماڪ محفوظ يا پرڪشش محسوس ٿئي ٿو. ڊاڪٽر چيما زور ڏنو ته موجوده قانونن جي باوجود ٽي اي پي ايس جا ڪيترائي رخ اڃا به موجود آهن جن کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاليسي ۾ موجود ڪمزورين کي قانونسازي ۽ عوامي آگاهي جي ذريعي ختم ڪرڻو پوندو. تقريب جي ميزبان پروگرام مئنيجر اسپارڪ ڊاڪٽر خليل احمد ڊوگر چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان تماڪ ڪنٽرول جي شعبي ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي، پر تشهيري سرگرميون اڃا به صارفين جي رويي کي اڻ سڌي طرح متاثر ڪري رهيون آهن. هن ٻڌايو ته ڊبليو ايڇ او موجب جن ملڪن ٽي اي پي ايس تي مڪمل پابندي هنئي آهي اتي خاص طور تي نوجوانن ۾ تماڪ جي استعمال ۾ نمايان گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سمورن سڌي ۽ اڻ سڌي تشهيري ذريعن تي مڪمل پابندي هنئي وڃي. ڊاڪٽر خليل وڌيڪ چيو ته تصويري صحت تنبيهون هڪ ثابت ٿيل ۽ موثر طريقو آهي جيڪو تماڪ استعمال جي استعمال کي ڇڏڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ نوجوانن کي شروع کان روڪڻ ۾ مدد ڏي ٿو. اجلاس ۾ فيصلاسازن، سرڪاري عهديدارن، صحافين، سول سوسائٽي، تعليمي ماهرن، ميڊيا پيشيور ماڻهن ۽ نوجوان تنظيمن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۾ تصويري صحت تنبيهن (جي ايڇ ڊبليوز) جي لاڳو ۽ تماڪ جي تشهير، اشتهار ۽ سرپرستي (ٽي اي پي ايس) بابت قانونن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ۽ زور ڏنو ته وڌيڪ مضبوط لاڳو ۽ ٺوس قدمن جي ذريعي تماڪ ڪنٽرول جي رفتار تيز ڪئي وڃي.











